Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

مجلس حج و عمرھ

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  وڌيڪ معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ”خودڪشي جو علاج“ نهايت مفيد رهندو. دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان هردم وابسته رهو ۽ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائيندا رهو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اِسلامي ڪم و پيش 104 شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروف آهي، انهن مان هڪ شُعبَو ’’مجلسِ حج وعُمره‘‘ به آهي. جيڪا حج و عُمره جي لاءِ وڃڻ وارن اِسلامي ڀائرن ۽ اِسلامي ڀينرن جي باقاعده مدني تَربِيت ڪرڻ، انهن کي بارگاھ خُداوَندي ۽ بارگاھ مُصطَفَوِي جا آداب ۽ ضروري مسئلا سيکارڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي۔ هن مجلس ۾ شامل تَربِيت يافته مُبَلّغ اِسلامي ڀائر هر سال حج جي مَوسمِ بهار ۾ حاجي ڪيمپن ۾ وڃي حاجين جي مدني تَربِيَت ڪندا آهن جڏهن ته مُبَلّغات اِسلامي ڀينرون حاجياڻين جي تَربِيت ڪنديون آهن۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ هن مجلس جي تَحت حج وزيارتِ مدينه جي لاءِ مڪي مديني وڃڻ وارن کي اميرِ اهلسنّت دَامَت بَرکاتُهُمُ العَاليه جا تحرير ڪيل ڪتاب ”رَفِيقُ الْحَرَمَين“ ۽ ”رَفِيقُ الْمُعْتَمِرِين“ به تحفي طور پيش ڪيا ويندا آهن ته جيئن الله عَزَّ وَجَلَّ جي گھر جا مهمان ۽ حبيبِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا عاشق هن عِبادت کي اَحسَن طريقي سان ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، الله پاڪ مجلس حج و عمره کي وڌيڪ برڪتون عطا فرمائي۔ اٰمِين  بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب