Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab
عذر شرعي، طاقت هجڻ جي باوجود اُن جو عقيقو نه ڪيو، ته اُن جي لاءِ اِهو آيو آهي ته اُهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي شفاعت نه ڪري سگھندو۔ (فتاويٰ رضويه،۲۰/۵۹۶) ٭ عقيقو ولادت جي ستين ڏينهن سنت آهي، ۽ اِهو ئي افضل آهي، نه ته چوڏهين، يا ايڪيهين ڏينهن تي۔ (فتاويٰ رضويه،۲۰ /۵۸۶) ٭ عقيقي جي جانور ۾ اُهي ئي شرط آهن جيڪي قرباني جي جانور جي لاءِ هوندا آهن. ان جو گوشت فقيرن ۽ عزيزن، مٽن مائٽن ۽ دوستن احبابن ۾ ڪچو ورهايو وڃي يا پچائي ڏنو وڃي يا انهن کي مهماني طور کارايو وڃي اِهي سڀئي صورتون جائز آهن۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۵۷) ٭ جيڪڏهن ستين ڏينهن نه ڪري سگھو ته جڏهن چاهي ڪري سگھجي ٿو، سنّت ادا ٿي ويندي۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۵۶)