Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

  ٻانهو هميشه مثبت (Positive) سوچي ۽ منفي (Negative) سوچ کي ويجھو نه اچڻ ڏي۔ هڪ مسلمان جو شان هي آهي ته هو هميشه الله پاڪ جي رحمت کان سٺي اميد رکي۔ قرآن پاڪ ۾ به اهو ئي حڪم آهي جيئن سيپاري 13، سورهٔ يوسف آيت 87 ۾ ارشاد آهي:

وَ لَا تَایْــٴَـسُوْا مِنْ رَّوْحِ اللّٰهِؕ-اِنَّهٗ لَا یَایْــٴَـسُ مِنْ رَّوْحِ اللّٰهِ اِلَّا الْقَوْمُ الْكٰفِرُوْنَ(۸۷)   (پ۱۳، يوسف :۸۷)             

تَرجُموڪنزُالايمان: ۽ الله جي رحمت کان مايوس نه ٿيو بيشڪ الله جي رحمت  کان ڪافر ئي نااميد ٿيندا آهن.

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته پُراميد رهڻ مومن جو وصف آهي، تنهنڪري اسان کي ڪڏهن به نااميد نه ٿيڻ گھرجي۔ مصيبتن، پريشانين، اجائي مخالفتن، ظلم جي تيز اونداهين، گھريلو رنجشن، معاشي پريشانين ۽ شادي جي رڪاوٽن سميت ڪيتري ئي وڏي مصيبت پيش اچي اميد جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گهرجي۔ انهن مصيبتن ۾ توبه ڪريو، اِستِغْفار ڪريو ۽ الله پاڪ کان دعا گھرو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هو مُسَبّبَ الاَسۡبَاب اهڙا اسباب پيدا ڪندو جو خوشين جي برسات ٿيڻ لڳندي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 

چوٿون سبب ” گھريلو رنجشون“

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! خود ڪشي جو هڪ تمام وڏو سبب گھريلو رنجشون پڻ آهن۔ جيئن پاڪستان جي هڪ اخبار جي خبر آهي: هڪ نوجوان روهڙي (باب الاسلام سنڌ) ٿاڻي جي حد ۾ گھريلو مسئلن کان تنگ اچي خود ڪشي ڪري ورتي۔

گھريلو رنجشون وڏو تباھ ڪندڙ مرض آهي! تنهنڪري ڀلائي اُنهيء ۾ آهي ته انسان جھيڙن جھٽن جي نُقصانن کي پنهنجي پيشِ نظر رکي ۽ جھيڙي جھٽي کان بچندو رهي۔ بالفرض جيڪڏهن ڪو بِلاوَجه اسان سان جھيڙو به ڪري ته اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي غُصّي تي ڪنٽرول ڪندي حق تي هئڻ جي باوُجُود جھيڙي کان پري رهون، ياد رهي! جيڪو خوش نصيب حق