Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

تي هئڻ جي باوُجُود جھيڙو نه ڪري، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اُن جو ٻيڙو پار آهي، جيئن ته نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جيڪو حق تي هئڻ جي باوُجُود جھيڙو ناهي ڪندو مان ان جي لاءِ جنّت جي اندروني ڪناري ۾

 هڪ گھر جو ضامِن آهيان۔ (ابوداود،۴باب في حسن الخلق، / ۳۳۲ حديث: ۴۸۰۰)

فرمايائون: ٻانهو اِيمان جي حقيقت ۾ ان وَقت تائين ڪمال کي نٿو پهچي سگھي، جيستائين اهو حق تي هئڻ جي باوُجود جھيڙو نه ڇڏي۔

     ( موسوعة ابن ابي الدنيا، ڪتاب الصمت ،۷/ ۱۰۱، حديث : ۱۳۹)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!شيطانَ مردودَ اسان کي سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنّتن کان پري ڪري اسان جي گھرن جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو آهي، اسان جو نظامِ زندگي بگڙجي ويو آهي، گھريلو زندگي جا اسلامي ۽ اَخلاقي قدر ختم ٿي ويا آهن، علمِ دين کان دُوري ۽ سنّت مطابِق اَخلاقي تربيت نه هئڻ جي نُحُوست جي ڪري گھر جا اڪثر ڀاتي هڪ ٻئي کان نفرت ڪرڻ لڳا آهن۔ گھريلو جھيڙن کان تنگ اچي ڪڏهن زال خودڪشي ڪندي آهي ته ڪڏهن مڙس، ڪڏهن ڌيءَ خودڪشي ڪندي آهي ته ڪڏهن پٽ، ائين ڪڏهن ماءُ ته ڪڏهن پيءُ۔ گھريلو مسئلن جو هڪ حل هي به آهي ته گھرن ۾ مڪتبة المدينه جي طرفان جاري ڪيل مَدَني مذاڪرا يا سنّتن ڀريا بيان ڏسڻ ۽ فيضانِ سنّت جو گھر ۾ روزانو درس جاري ڪرڻ ۽ پنهنجي گھر ۾ دعوتِ اسلامي جو مَدني ماحول قائم ڪرڻ به آهي۔ جنهن گھر جو هر فرد نَمازي ۽ سنّتن جو عادي هوندو، اهڙن گھراڻن مان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اوهان کي ڪڏهن به خودڪشي جي منحوس خبر ٻڌڻ جي لاءِ نه ملندي۔ اها آفت بي نَمازين، فيشن پرستن، فلمون ڊِراما ڏسڻ وارن، گانا باجا ٻڌڻ وارن، صِرف دُنياوي تعليم کي سڀ ڪجھ سمجھڻ وارن ۽ بي عملي جي زندگي گذارڻ وارن جو حصّو آهي۔ يقين مَڃُو جيڪڏهن هر مسلمان دعوتِ اسلامي وارو بڻجي وڃي ته الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فضل ۽ ڪرم سان مسلمانن مان خودڪشي جي نحوست جو پاڙن کان خاتمو ٿي ويندو۔ (خود ڪشي جو اعلاج، ص۵۹ تا ۶۲ملخصاً)