Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab
گھريلو جھيڙن، تنگدستين، قرضدارين، بيمارين، مصيبتن، ڪاروباري پريشانين ۽ شادي ۾ رُڪاوٽن يا امتِحان ۾ ناڪامين وغيره جي سبب پيدا ٿيڻ واري ذِهني دٻاؤ (Dipration) جي ڪري خودڪشي ڪندا آهن۔ خود ڪشي ۽ اُن کان علاوه ٻين ڪيئي گناهن کان بچڻ جو هڪ بهترين ذريعو صبر جي عادت اپنائڻ آهي۔ اچو! صبر جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ صبر جي فضيلت بابت ٻه حديث سڳوريون ٻڌو:
.1رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: جڏهن مان مؤمن ٻانهي جي دنيا جي پياري شيءِ وٺان پوءِ اهو اُن تي صبر ڪري ته ان جي جزا جنّت کان سواءِ ڪجھ ناهي۔ (بخاري،ڪتاب الرقاق ،باب العمل الذي يبتغي به وجه الله ، ۴/۲۲۵، حديث:۶۴۲۴)
.2فرمايائون:جنهن مصيبت تي صَبر ڪيو ايستائين جو اُن (مصيبت) کي چڱي صَبر سان موٽايائين الله پاڪ ان جي لاءِ ٽي سو دَرَجا لکندو، هر هڪ دَرَجي جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جو فاصِلو هوندو۔
( اَ لْجَامِعُ الصَّغِير لِلسُّيوْطِي،ص۳۱۷ حديث: ۵۱۳۷)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! صبر جي عادت بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ڪاوڙ جي عادت کي ختم ڪيو وڃي۔ ڪاوڙ ئي اهو مرض آهي جيڪو اسان کي صبر ۽ ان جي اجر کان محروم ڪندو آهي۔ ان ڪري جيڪڏهن ڪا ڳالھ اسان کي بري لڳي يا اسان جي طبيعت جي خلاف ڪو ڪم ٿي وڃي ته ڪاوڙ ۾ اچڻ يا انتقامي ڪاروائي جو سوچڻ جي بدران مدني انعام نمبر 23 تي عمل ڪندي شيطان جي وار کي ناڪام بڻائڻ جو ذهن بڻايو۔ اچو! مدني انعام نمبر 23 ٻڌو ۽ عمل جي نيت ڪريو۔
جيئن اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني انعام نمبر23 ۾ فرمائن ٿا: ڇا اڄ اوهان (گھر ۾ يا ٻاهر) ڪنهن تي ڪاوڙ اچڻ جي صورت ۾ خاموش ٿي ڪري ڪاوڙ جو علاج ڪيو يا ڳالھائڻ شروع ڪري ڏنو؟ ۽ دَرگُذر سان ڪم ورتو يا اِنتقام (يعني بدلو وٺڻ) جو موقعو ڳولينديون رهيون؟