Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

زندگيءَ کي اپنائڻ سان شايد ڪو به مسلمان خودڪشي جهڙي حرام ۽ جهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم نه ڪري۔ ياد رکو! انساني خواهشون سمنڊ کان وڌيڪ گِهريون ۽ زمين ۽ آسمان کان وڌيڪ وسيع آهن۔ خوش نصيب آهن اهي اسلامي ڀينرون جيڪي اسلامي تعليمات تي عمل ڪندي قناعت جو ذهن بڻائن ٿيون ۽ پنهنجين خواهشن کي قابو ڪري پرسُڪون زندگي گذارين ٿيون۔ ٭ قناعت اعليٰ ترين انساني صفتن مان هڪ نهايت پياري صفت آهي، ٭ قناعت اطمينان ۽ تسلي جو سرچشمو آهي، ٭ قناعت هڪ اهڙو خزانو آهي جيڪو ٻين جي امداد وٺڻ کان بي نياز ڪندو آهي۔ ٭ قناعت هڪ اهڙي دولت آهي جيڪا ڪجھ نه هوندي به ٻين جي محتاجي کان بي پروا ڪندي آهي۔ ٭ قناعت حرص جي آلودگي ۽ لالچ جي ڄار کان بچڻ جو بهترين هٿيار آهي۔ ٭ قناعت هڪ اهڙي صفت آهي جيڪا خودداري ۽ خود اعتمادي کي پيدا ڪندي