Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

معاملي ۾ اسان جي رهنمائي ڪري ٿو۔ مسلمانن ۾ خُودڪشي جي وڌندڙ شرح جي سببن مان هڪ اهم ۽ بنيادي سبب دين، شريعت ۽ اسلام کان دوري آهي۔ ڪجھ نهايت رِقّت انگيز منظر پيش ڪندا آهن، اچو خودڪشي جون اهڙيون ڪجھ خبرون ٻڌون ٿيون:

 ڪراچي جي هڪ اخبار جي خبر جو خلاصو آهي ته ماءُ پٽ کي گھوٽ تيار ڪيو، ڄڃ رخصت ڪيائين، ڄاڃين گھڻو چيو ته اوهان به گڏ هلو پر انهن سان گڏ نه ويون ۽ بعد ۾ گھر جو تمام سون ۽ رقم وغيره ڪنهن جي حوالي ڪري گهوٽ جي ماءُ نَهر ۾ ٽپو ڏنو ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ ان جو لاش مليو۔

هڪ ٻي مشهور اخبار جي خبر آهي ته هڪ پيءُ پنهنجي هڪ نياڻيءَ، ٻن پٽن ۽ انهن ٻارن جي امڙ کي قتل ڪرڻ کان پوءِ خود ڪشي ڪري پنهنجي زندَگي جو خاتِمو ڪري ڇڏيو۔

پاڪستان جي اخبار جي خبر آهي ته پيءُ ڪاوڙ ۾ چماٽ هنئي ته 14 سالن جي ڇوڪري پاڻ کي باٿ روم ۾ بند ڪري باھ لڳائي ڇڏي۔