Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيۡه لکن ٿا؛ هن (يعني کاڌي جي وضو) جي معنيٰ آهي هٿ منهن جي صفائي ڪرڻ، هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙي ڪرڻ۔ (مراٰة المناجيح ج 6 ص 32) ٭ جڏهن به کاڌو کائو ته کاٻو پير وڇايو ۽ ساڄو پير اُڀو ڪيو يا دُڏن تي ويهو ۽ ٻئي گوڏا اُڀا رکو۔ (بهار شريعت ج 3 ص 378) ٭ کائڻ کان اڳ ۾ جوتا لاهي ڇڏيو۔ کائڻ کان پهريان بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ پڙهو۔ ٭ جيڪڏهن کاڌي جي شروع ۾ بِسْمِ اللہِ پڙهڻ وسري وڃي ته ياد اچڻ تي بِسْمِ اللہِ اَوَّلَہٗ وَاٰخِرَہٗ پڙهي ڇڏيو۔ ٭ کاڌي کان پهريان هيءَ دعا پڙهي وڃي ته جيڪڏهن کاڌي ۾ زهر به هوندو تڏهن به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪو اثر نه ڪندو؛ ”بِسْمِ اللہِ وَ بِاللّٰہِ الَّذِیْ لَا یَضُرُّ مَعَ اسْمِہٖ شَیْئٌ فِی الْاَرْضِ وَ لَا فِی السَّمَآءِ یَا حَیُّ یَا قَیُّوْمُ ترجمو؛  اللہ  جي نالي سان شروع ڪيان ٿو جنهن جي نالي جي برڪت سان زمين ۽ آسمان جي ڪا شيء نقصان نه ٿي پهچائي سگهي۔ اي هميشہ کان زندهه ۽ قائم رهڻ وارا۔ (فردوس الاخبار ،حديث:۱۹۵۵،۱/ ۲۷۴) ٭ ساڄي هٿ سان کائو۔ ٭ پنهنجي سامهون واري پاسي کان کائو۔ ٭ کاڌي مان ڪنهن به قسم جو عيب نه ڪڍو مثال طور هيئنن نه چئو ته مزيدار ناهي، ڪچو آهي، ڦڪو آهي ڇو ته کاڌي مان عيب ڪڍڻ مڪروهه ۽ سنّت جي خلاف آهي بلڪ دل چوي ته کائو نه ته هٿ روڪي ڇڏيو۔ اعليٰ حضرت،امامِ اهلِ سُنّت مولانا شاه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيۡه لکن ٿا: کاڌي مان عيب ڪڍڻ پنهنجي گھر ۾ به نه گھرجي، مڪروه وخلافِ سنت آهي۔ (سرڪارِ دو عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي) عادتِ ڪريمه اها هئي ته پسند آيو ته تناوُل فرمائيندا هئا، نه ته ڇڏي ڏيندا هئا ۽ پَرائي گهر عيب ڪڍڻ (ان ۾) مسلمانن جي دل آزاري آهي ۽ وڏي هوَس ۽ بي مروتي جي انتها جو دليل آهي۔ (فتاويٰ رضويه ،۲۱/۶۵۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي