Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

وڃون جيئن هڪ اُمّتي کي هئڻ گھرجي ته اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجو پاڻ کي بيان ڪيل بُرائين کان بچايون، سُنّتون اپنايون، علمِ دِين حاصل ڪري ٻين تائين پهچايون، مطلب ته اسان جو ظاهر ۽ باطن اهڙو سنورجي وڃي جو جيڪو به ڏسي پڪاري چوي ته ”اُمّتي هجي ته اهڙو“۔ ته اچو! عشقِ رسول جو جام پيئڻ، ڪامل اُمّتي بڻجڻ، پنهنجي ظاهر و باطن کي سُنّتن جي سانچي ۾ وجھڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهو ۽ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ ڪم و بيش 104 شعبن ۾ دينِ مَتِين جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، ان شُعبن مان هڪ ”دارُالاِفتاء اَهلسُنّت“ به آهي، جنهن جي تحت سڀ کان پهريون دارُالاِفتا 15 شَعْبَانُ الْمُعَظَّم1421ھ تي جامع مسجد ڪنزُالاِيمان ،بابري چوڪ بابُ المدينه (ڪراچي) ۾ قائم ٿيو ۽ هينئر تائين ڪراچي جي مُختلِف علائقن ۽ پاڪستان جي مُختلِف شهرن ۾ به ”دارُالاِفتاء اَهلسُنّت“ قائم ٿي چڪا آهن، جتي مُفتِي سڳورا اُمّتِ مُسْلِمَه جي شرعي رهنمائي ۾ مَصرُوفِ عمل آهن۔ ان جي علاوه ”دارُالافتاء اهلسنَّت“ جا مُفتي سڳورا ٽيلي فون، واٽس اَيپ (Whatsapp) ۽ اِنْٽر نيٽ تي سڄي دُنيا جي مُسلمانن جي طرفان پڇا ڪيل مَسئلن جو حل ٻڌائيندا آهن۔ اِنْٽرنيٽ جي ذريعي سڄي دُنيا مان هن ميل ايڊريس (darulifta@dawateislami.net) تي سوال پڇي سگھجن ٿا اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني چينل جي سلسلن ۾ ’’دارُالاِفتاءاَهلسُنَّت‘‘ جي نالي سان هڪ مقبولِ عام ۽ نهايت معلوماتي سلسلو به نشر ڪيو ويندو آهي۔ ۽ پڻ دُنيا جي ڪنهن به حصي کان شرعي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هنن نمبرز تي رابطو به ڪري سگھجي ٿو۔ نمبر نوٽ فرمائي وٺو۔

0220112۔0300۔۔۔۔۔۔۔0220113۔0300

0220114۔0300۔۔۔۔۔۔۔0220115۔0300