Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi
جو شائبو نه هجي يا خُلوصِ دل سان ڪنهن جو ڀلو چاهڻ نصيحت (يعني خيرخواهي) آهي۔ (مراة المناجيح ، ۶/۵۵۷)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!لفظِ خيرخواهي پنهنجي مفهوم جي لحاظ کان عام آهي مثال طور مسلمانن سان نرمي ۽ ڀلائي سان پيش اچڻ، انهن جي مالي مدد ڪرڻ، انهن جي پريشاني پري ڪرڻ، انهن کي ڪپڙا پارائڻ، انهن کي کاڌو کارائڻ، انهن کي آرام ۽ سڪون مهيا ڪرڻ، انهن جي ضروري خواهشن کي پورو ڪرڻ، شرعي رهنمائي ڪرڻ يا ڪرائڻ، ڀٽڪيلن کي سڌي واٽ تي آڻڻ، مطلب ته ڪنهن به طرح سان پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان خيرخواهي ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي۔ پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان جي حالت اها آهي جو اسان ” یاشیخ اپنی اپنی دیکھ “ جي تحت صرف پنهنجا معاملا سُلجھائڻ جي فڪر ۾ رهون ٿيون۔ ٭ اسان جي آس پاس ڪيترا مسلمان پريشان حال آهن، اسان کي انهن جو ڪو احساس ناهي ٿيندو۔ ٭ اهي ماڻهو جن سان اسان جو روزانو واسطو پوي ٿو انهن مان ڪيترا خوش دلي سان ۽ ڪيترا پريشان چهرن سان اسان کي ملن ٿا، اسان کي انهن جي ڪا فڪر ناهي ٭ اسان جي سڃاڻپ وارن ۾ ڪيترا ئي قرضن ۾ ڦاٿل آهن بلڪ خاندان ۾ اسان جا ڪيترا رشتيدار غربت ۽ افلاس جي چڪي ۾ پِسجي رهيا آهن، اسان کي ان جي ڪا پروا ناهي۔ ٭ اسان جي پاڙيسرين کي ٻن وقت جو کاڌو به نصيب ٿيندو آهي يا نه، اسان کي ان سان ڪو غرض ناهي، ٭ پائڻ جي لاءِ مناسب ڪپڙا به ميسر آهن يا نه، اسان کي ان سان ڪو مطلب ناهي۔ ٭ ڪيترن بيمارن جي راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو سڪون پيسو نه هئڻ جي ڪري برباد ٿي رهيو آهي، ان طرف اسان جو ڌيان ئي ناهي هوندو۔
ياد رکو! هڪ سٺو مسلمان اهو ئي هوندو آهي جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري اهو ئي پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ به پسند ڪري۔ اچو! پنهنجي اندر پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏکايل اُمّت جي خيرخواهي جو جذبو بيدار ڪرڻ جي لاءِ(3) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿيون،
٭ ارشادفرمايائون: ماڻهن جي لاءِ به اهو ئي پسند ڪريو، جيڪو پنهنجي لاءِ ڪريو ٿا ۽ جيڪو پنهنجي لاءِ ناپسند ڪريو ٿا، ان کي ٻين جي لاءِ به ناپسند ڪريو، جڏهن