Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

وڙهي رهيو آهي، اڄ مسلمان جي عزّت وآبرو ۽ ان جي جان ومال مسلمان ئي جي هٿان برباد ٿيندي نظر اچي پيو۔ الله پاڪ اسان کي نفرتون مٽائڻ ۽ مَحَبَّتون وڌائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

خيرخواهي جون مختلف صورتون

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اچو! اُمّت مسلمه جي خير خواهي جو جذبو پنهنجي اندر بيدار ڪرڻ جي لاءِ اُمّت جي خيرخواهي جون مختلف صورتون ٻڌون ٿيون، جن تي عمل پيرا ٿي اسان اُمّتِ مُسلمه جي خير خواهي ڪرڻ جو عظيم ثواب حاصل ڪري سگھون ٿيون، جيئن

٭  ڪنهن بيمار جي عيادت ڪرڻ خيرخواهي آهي،فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جنهن مريض جي عيادت ڪئي، جيستائين اهو ويهي نه رهي، درياءِ رحمت ۾ غوطو لڳائيندو رهي ٿو ۽ جڏهن ويهي رهي ته رحمت ۾ ٻڏي ويندو آهي۔ (مسند امام احمد،مسند جابربن عبدالله ، ۵/۳۰،رقم: ۱۴۲۶۴) ٭  مسلمان جي تڪليف پري ڪرڻ خيرخواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو ڪنهن مسلمان جي تڪليف پري ڪري، الله پاڪ قِيامت جي تڪليفن مان ان جي تڪليف پري ڪندو۔ (مُسلِم ،ڪتاب البر والصلة ۔۔الخ ،ص۱۰۶۹ حديث:۶۵۷۸) ٭  مسلمان جي عزّت جي حفاظت ڪرڻ خيرخواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ جي آبرو کان روڪي (يعني ڪنهن مسلمان جي بي عزت ٿيندي هجي ان منع ڪيو) ته الله پاڪ تي حق آهي ته قيامت جي ڏينهن ان کي جهنَّم جي باھ کان بچائي۔ (شرحُ السنّة ،۶ /۴۹۴ ،حديث: ۳۴۲۲) ٭  مسلمان جي دل خوش ڪرڻ خير خواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: فرض کان بعد سڀني عملن ۾ الله پاڪ کي وڌيڪ پيارو مسلمان جي دل خوش ڪرڻ آهي۔ (اَلْمُعْجَمُ الْڪبِير ،۱۱ / ۵۹،حديث: ۱۱۰۷۹) ٭  عفوودرگذر سان پيش اچڻ خير خواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: الله پاڪ ٻانهي جي عفو ودرگذر جي ڪري ان جي عزّت ۾ اضافو ڪندو آهي ۽ جيڪو شخص الله پاڪ جي لاءِ تواضع اختيار ڪري، الله پاڪ ان کي بلندي عطا ڪندو آهي۔ (مسلم، ڪتاب البر،باب استحباب العفو والتواضع، ص۱۰۷۱، حديث: ۶۵۹۲) ٭  نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ خير خواهي آهي، حضرت ڪعبُ الاحباررَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهفرمائن ٿا: جنت الفردوس خاص ان شخص جي لاءِ سينگاري ويندي آهي جيڪو نيڪي جو حڪم ڪري ۽