Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اچو! مهمان نوازي جون سُنتون ۽ آداب ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون۔ پهريان (3) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو۔(1)جيڪو شخص (قدرت باوُجُود) مهمان نوازي نٿو ڪري ان ۾ ڀلائي ناهي۔ (مُسند احمد ،۶/ ۱۴۲،حديث: ۱۷۴۲۴) (2) انسان جي ڪم عقلي آهي ته هو پنهنجي مهمان کان خدمت وٺي۔ (اَلْجامِعُ الصَّغِير،ص۲۸۸،حديث :۴۶۸۶) (3) سنّت هي آهي ته انسان مهمان کي دروازي تائين رخصت ڪرڻ وڃي۔ (ابن ماجه،۴/۵۲، حديث:۳۳۵۸) ٭ مهمان کي گھرجي ته پنهنجي ميزبان جي مصروفيتن ۽ ذِمّيدارين جو لحاظ رکي۔ ٭ صَدرُالشّريعه حضرت مفتي محمد امجدعلي اعظميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: مهمان لاءِ چار ڳالهيون ضَروري آهن: (۱) جتي ويهاريو وڃي اتي ويهي۔ (۲) جيڪو ڪجھ ان جي اڳيان پيش ڪيو وڃي ان تي خوش ٿئي، (ائين نه ٿئي جو چوڻ لڳي: ان کان سٺو ته مان پنهنجي ئي گھر کائيندي آهيان يا اهڙي قسم جا ٻيا لفظ)۔ (۳) ميزبان کان اجازت وٺڻ بِغير اتان نه اٿي ۽ (۴) جڏهن اتان کان وڃي ته ان جي لاءِ دُعا ڪري۔ (عالمگيري،۵/۳۴۴) ٭ گھر يا کاڌي وغيره جي مُعامَلات ۾ ڪنهن قسم جي تنقيد نه ڪري، ۽ نه ئي ڪوڙي ساراھ۔ ميزبان به مهمان کي ڪوڙ جي خطري ۾ وجھندڙ سُوال نه ڪري مثال طور چوڻ اسان جو کاڌو ڪيئن هو؟ اوهان کي پسند آيو يا نه؟ اهڙن موقعن تي جيڪڏهن نه پسند هئڻ جي باوُجُود مِهمان مُرَوَّت ۾ کاڌي جي ڪوڙي تعريف ڪندو ته گنهگار ٿيندو۔ ان طرح جو سُوال به نه ڪري ته ”اوهان پيٽ ڀري کاڌو يا نه؟“ ڇوته اتي به جواب ۾ ڪوڙ جو انديشو آهي ڇوته عادتِ ڪم خوري يا پرهيزي يا ڪنهن به مجبوري تحت گھٽ کائڻ جي باوُجُود اصرار ۽ تڪرار کان بچڻ جي لاءِ مِهمان کي چوڻو پئجي وڃي ته ”مون گھڻو کاڌو آهي۔“ ٭ ميزبان کي گھرجي ته مهمان کي وقت بوقت چوي ته ”اڃا کائو“ پر ان تي اِصرار نه ڪري۔ (عالمگيري،۵/۳۴۴) ڪٿي اِصرار جي ڪري ايترو وڌيڪ نه کاڌو وڃي جو ان جي لاءِ نقصان ده هجي۔ ٭ ميزبان کي بالڪل خاموش نه رهڻ گھرجي ۽ ائين به نه ڪرڻ گھرجي ته کاڌو رکي غائب ٿي وڃي بلڪه اتي حاضر رهي۔ (عالمگيري،۵/۳۴۵)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد