Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

تجھ کو صِدّیق کا واسطہ ہے                                 یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

 

8مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”بيان يا مدني مذاڪرو “

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!ٻڌو اوهان! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۽ اَميرِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي صحبت جي برڪت سان ڪهڙي طرح مسلمانن کي خيرخواهي جو جذبو ملندو آهي۔ اسان به خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ جو پيڪر بڻجڻ، گناهن کان نفرت ڪرڻ، نيڪي جي دعوت ۽ اُمّت مُسلمه جي خيرخواهي ۽ غمخواري جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ماحول سان وابسته رهون ۽ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺون، ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”بيان يا مدني مذاڪرو“ به آهي. هر اسلامي ڀيڻ روزانو انفرادي طور تي يا سڀني گهروارن کي(جن ۾ نامحرم نه هجن) جمع ڪري شيخِ طريقت، اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا سنتن ڀريا بيان ۽ مدني مذاڪره وڌيڪ ”مڪتبة المدينه“ کان جاري ٿيندڙ ٻين مبلغن جا سنتن ڀريا بيان ضرور ٻڌو. مدرسة المدينه (بالغات) ۾ هفته وار ۽ جامعة المدينه ۾ روزانو”ڪيسٽ اجتماع“ ڪيو. (روزانو سنتن ڀريو بيان يا مدني مذاڪرو ٻڌڻ وارن سان اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  تمام گهڻا خوش ٿيندا آهن)

هن مدني ڪم جا بيشمار ديني ۽ دنياوي فائدا آهن. ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذهن ملندو آهي. ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان علم دين حاصل ٿيندو آهي. ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان ديني معلومات سان گڏ اخلاقي تربيت به نصيب ٿيندي آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني ڪم جي برڪت سان بيشمار ماڻهو گناهن ڀري زندگي ڇڏي ڪري نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجي ويا. اچو ترغيب طور هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ پابندي سان مدني مذاڪرو ڏسڻ جي نيت ڪيو. جيئن ته

فلمن ڊرامن کان نجات ملي وئي

   باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ فلمون ڊراما شوق سان ڏسندي ۽ نمازون قضا ڪري ڇڏيندي هئي. هڪ ڏينهن ان کي دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀيڻ اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ٿيڻ واري”مدني