Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

عظيم پيشوا حضرت سَيدُنا امام احمد ڪبيررفاعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جي باري ۾ منقول آهي ته هو ڳوٺ جي ڪنهن شخص جي بيماري جو ٻڌندا هئا ته ان وٽ وڃي ان جي عيادت ڪندا هئا جيتوڻيڪ رستو ڪيترو ئي پري ڇو نه هجي ۽ (ڪڏهن ڪڏهن) اچ وڃ ۾ هڪ ٻه ڏينهن لڳي ويندا هئا، ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته پاڻ رستن تي بيهي نابينن جو انتظار ڪندا هئا جيڪڏهن ڪو ملي ويندو هو ته هٿ پڪڙي ان کي منزل تائين پهچائيندا هئا۔(فيضانِ سيداحمد ڪبير رفاعي،ص۱۳)

وڏي عمر وارن ماڻهن تي شَفقت

          حضرت سَيدُنا امام احمد ڪبير رفاعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جڏهن ڪنهن وڏي عُمر واري شخص کي ڏسندا هئا ته ان جي پاڙي وارن وٽ ويندا هئا ۽ انهن کي سمجھائيندي اها حديثِ پاڪ ٻڌائيندا هئا ته حضور نبي ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪو پوڙهي مسلمان جي عزّت ڪري ٿو، الله پاڪ ان جي پوڙهائپ جي وقت ڪنهن ٻي کي ان جي عزّت (Respect) ڪرڻ تي مُقرر ڪندو آهي۔

    (ترمذي،ڪتاب البر والصله، باب ماجاء في اجلال الڪبير،۳ /۴۱۱، حديث :۲۰۲۹) (فيضان سيداحمد ڪبيررفاعي ،ص۱۴)

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!ڏٺو اوهان! اسان جي بزرگن جو اندازِ زندگي ڪيتري قدر بهترين هو جو ڪٿي ڪنهن سان حُسنِ سلوڪ سان پيش ايندا هئا ته ڪڏهن بيمارن جي تيمارداري ڪندا هئا، ڪٿي محتاجن ۽ پريشان حالن جي مدد ڪندا هئا ته ڪٿي نابينن ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن جي خَير خواهي ۽ دِلجوئي ڪندا هئا۔ مطلب اهي حضرات مٺي آقا، مديني واري مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن فرمانِ ذيشان: خَيرُ النَّاسِ اَنْفَعُهمْ لِلنَّاسِ يعني بهترين شخص اهو آهي جيڪو ماڻهن کي فائدو پهچائي۔ (جامع صغير، ص۲۴۶،حديث:۴۰۴۴) جي عملي تصوير هوندا هئا۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!جيڪڏهن هن پُرفتن دَور ۾ اسان سڀ هڪ ٻي جي غمخواري ۽ غمگُساري ۾ لڳي وڃون ته هڪدم دُنيا جو نقشو ئي بدلجي وڃي۔ اڄ به جيڪڏهن خيرخواهي جي مشڪبار هوا اسان جي معاشري ۾ هلي پوي ته قتل و غارت گري، ڌوڪو ڏيڻ، بدنيتي، چوري چڪاري، ڪوڙ ۽ بدديانتي، غيبت ۽ بدنگاهي جهڙا هزارين ناسُور پنهنجو موت پاڻ مري ويندا۔ پر هاءِ! هاڻ ته ڀاءُ ڀاءُ سان