Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi
مذاڪري“ جي ڪيسٽ ٻڌڻ جي لاءِ ڏني. ان مدني مذاڪرو ٻڌڻ شروع ڪري ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ قبر جي اڪيلائين ۽ پريشانين جو اهڙو نقشو ڇڪيو جو ان اسلامي ڀيڻ جو دل خوفِ خدا سان ڏڪي ويو ۽ قبر جي وحشت ناڪ تصور ان جي جسم کي ڪانڊاري ڇڏيو. ان گهٻرائجي سمورن گناهن کان توبهه ڪئي ۽ نمازن جي پابند بڻجي وئي. انهيء مدني مذاڪري جي برڪت سان ان کي فلمن ڊرامن جي نحوست کان به نجات ملي وئي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هاڻي نه صرف اها پاڻ دعوت اسلامي جي اسلامي ڀينرن جي هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ شريڪ ٿينديون آهن بلڪ ٻين اسلامي ڀينرن کي به ان جي دعوت ڏينديون آهن.(فلمي اداڪاره جي توبهه ص20)
”جيڪڏهن توهان کي به دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي ذريعي ڪا مدني بهار يا برڪت ملي هجي ته آخر ۾ مدني بهار مڪتب تي جمع ڪرايو.“
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريو پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ مسلمانن کي گناهن کا بچائڻ ۽ نيڪين جي راھ تي آڻڻ جي لاءِ مصروف عمل آهي. سڄي دنيا ۾ مدني ڪم کي منظم ڪرڻ جي لاءِ ڪم وبيش 104 شعبا (Departments) قائم آهن، انهن شعبن مان هڪ شعبو ”مجلس مدني انعامات“ به آهي۔ هن مجلس جو بنيادي مقصد اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن، ۽ جامعاتُ المدينه و مَدارِسُ المدينه جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي باعمل بڻائڻ ۽ انهن کي مدني انعامات تي عمل جي ترغيب ڏيارڻ آهي، شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: ڪاش! ٻين فرضن ۽ سُنتن جي بجا آوَري سان گڏوگڏ تمام
اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون هن مَدَني انعامات کي به پنهنجي زندگي جو دستورُ العَمَل بڻائي وٺن ۽ تمام ذمّه دارانِ دعوتِ اسلامي پنهنجي حَلقن علائقن، شهرن، ڳوٺن ۾ هن مَدَني انعامات کي عام ڪن ۽ هر مسلمان پنهنجي قَبر ۽ آخِرت جي بهتري جي لاءِ هن کي اِخلاص سان اپنائي الله عَزَّ وَجَلَّ جي فضل ۽ ڪرم سان جَنّتُ الفردوس ۾ پنهنجي مَدَني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڙيسري بڻجڻ جو عظيم ترين