Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

دِيني ۽ دُنيوي مصيبتون پري ڪرڻ ٭  انهن سان محبت ڪرڻ ٭  انهن ۾ عِلمِ دِين ڦھلائڻ ٭  نيڪ عملن جي رغبت ڏيڻ، ٭  جيڪا شيء پنهنجي لاءِ پسند نه ڪري ان جي لاءِ پسند نه ڪرڻ۔ (مرآة المناجيح ، ۶/ ۵۵۷، ملخصاً)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!مسلمانن جي خيرخواهي ڪرڻ جون وڏيون فضيلتون آهن، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي بُزرگن جي دلين ۾ اُمّت جي خيرخواهي ۽ غمخواري جو جذبو تمام گھڻو هو، اهي مُقدَّس هستيون پاڻ تڪليف ۾ رهي ماڻهن جي خير خواهي ڪندا هئا ۽ پنهنجي دلين کي راحت (Comfort) پهچائيندا هئا۔ جيئن

سيدُنا فاروقِ اعظم جي هڪ شرابي کي نصيحت

اميرالمومنين حضرت سيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه هڪ ڀيري ملڪ شام جي هڪ بهادر شخص کي تلاش ڪيائون اهو نه مليو، پاڻ کي ٻڌايو ويو ته هو شخص شراب جو عادي ٿي ويو آهي۔ پاڻ پنهنجي ڪاتب (خط/Letter لکڻ واري) کي فرمايائون لکو: عمر بن خطاب جي طرفان فُلاڻي جي نالي! توهان تي سلامتي نازل ٿئي، مان توهان جي متعلق الله پاڪ جو شڪر گذار آهيان جنهن جي سوا ڪو معبود ناهي، جيڪو گناهن کي بخشڻ وارو، توبه قبول ڪرڻ وارو، سخت سزا ڏيڻ وارو، وڏي انعام وارو آهي، ان جي سوا ڪو معبود ناهي، ان ڏانهن موٽي وڃڻو آهي۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ان جي لاءِ دعا گھري ته الله پاڪ ان کي بيماري مان شفا عطا فرمائي، ان جي دل کي ڦيري، ان کي توبه جي توفيق ڏئي۔ جڏهن اهو خط قاصد کڻي ان وٽ پهتو، ان شخص خط پڙهيائين ته چوڻ لڳو: منهنجو ربّ گناهن کي بخشڻ وارو آهي، يقيناً الله پاڪ منهنجي مغفرت جو مون سان واعدو ڪيو آهي ۽ اهو ئي توبه کي قبول ڪرڻ وارو، ان جي پڪڙ وڏي سخت آهي، الله پاڪ مون کي پنهنجي عذاب سان ڊيڄاريو آهي، هو وڏي انعام وارو آهي ان جو اِنعام خيرِڪثير آهي، ان جي سوا ڪو معبود ناهي، ان ڏانهن موٽي وڃڻو آهي۔ هو بار بار اهو ئي چوندو رهيو ايستائين جو زاروقطار روئڻ لڳو۔ پوءِ ان شراب نوشي کان سچي پڪي توبه ڪئي ۽ ان کي بلڪل ڇڏي ڏنائين۔ جڏهن سيدُنا فاروقِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي اها خبر ملي ته پاڻ فرمايائون: توهان ماڻهو به اهڙي طرح ڪندا ڪريو، جڏهن توهان ڏسو ته توهان جو ڪو ڀاءُ ڀٽڪي ويو آهي ته ان کي سڌي واٽ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ ان ڏانهن خصوصي توجھ ڪريو، ان جي لاءِ دعا گھرو ته الله پاڪ ان کي توبه جي