Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

توهان ڳالهايو ته چڱي ڳالھ ڪريو يا خاموش رهو۔(مسند احمد بن حنبل ، حديث معاذ بن جبل،۸/۲۶۶،حديث:۲۲۱۹۳)

٭ ارشاد فرمايائون: مؤمن ان وقت تائين پنهنجي دِين ۾ رهندو آهي جيستائين پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي خير خواهي چاهيندو آهي ۽ جڏهن ان جي خيرخواهي کان جدا ٿي ويندو آهي ته ان کان توفيق جي نعمت کسجي ويندي آهي۔(فردوس الاخبارللديلمي،باب اللام الف،۲/۴۲۹، حديث:۷۷۲۲)

 ٭ ارشادفرمايائون: دِين مسلمانن جي خيرخواهي ئي آهي، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪنهن لاءِ؟ ارشاد فرمايائون: الله جي لاءِ، ان جي ڪتاب جي لاءِ، ان جي رسول جي لاءِ، مسلمانن جي امامن ۽ عوام جي لاءِ۔(مسلم،ڪتاب الايمان،باب بيان الدين النصيحة، ص۵۱ ،حديث: ۱۹۶)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!بيان ڪيل آخري حديثِ پاڪ جي تحت حڪيم الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: ٭  الله جي لاءِ نصيحت هي آهي ته ٭  الله پاڪ جي ذات و صفات جي باري ۾ خالص اسلامي عقيدو رکڻ، ٭  خلوصِ دل سان ان جي عبادت ڪرڻ، ٭  ان جي محبوبن سان محبت، ٭  دشمنن سان عداوت رکڻ، ٭  ان جي باري ۾ پنهنجا عقيدا خالص رکڻ۔ ٭  ڪتابُ الله يعني قرآنِ مجيد جي نصيحت هي آهي ته ٭  ان جي ڪتابُ الله هئڻ تي ايمان رکڻ، ٭  ان جي تلاوت ڪرڻ، ٭  ان ۾ بقدرِ طاقت غور (Ponder) ڪرڻ، ٭  ان تي صحيح عمل ڪرڻ۔ ٭  الله جي رسول يعني حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نصيحت هي آهي ته ٭  پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تمام نبين جو سردار مڃڻ۔ ٭  سندن تمام صفتن جو اِعتراف ڪرڻ ٭  جان و مال ۽ اَولاد کان وڌيڪ پاڻ کي پيارو رکڻ ٭  سندن اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ۔ ٭  سندن ذڪر بلند ڪرڻ۔ ٭  امامن مان مراد يا ته اسلامي بادشاھ اسلامي حاڪم آهن يا علماءِ دِين، مجتهدينِ ڪاملين (۽) اولياء آهن۔ انهن جي نصيحت هي آهي ته ٭  انهن جي هرجائز حڪم جي وس آهر تعميل ڪرڻ ٭  ماڻهن کي انهن جي جائز اطاعتِ ڏانهن رغبت ڏيڻ، ٭  آئمه مجتهدين جي تقليد ڪرڻ، ٭  انهن سان سٺو گمان رکڻ، ٭  عالمن جو ادب ڪرڻ۔ ٭  عام مسلمانن جي نصيحت (يعني خيرخواهي) هي آهي ته  وس آهر انهن جي خدمت ڪرڻ، ٭  انهن کان