Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi
توفيق عطا فرمائي ۽ ان جي خلاف شيطان جا مددگار نه بڻجندا ڪريو۔ (حلية الاولياء، يزيد بن الاصم، ۴/۱۰۲)
سخت گوئی کی مِٹ جائے خصلت نرم گوئی کی پڑجائے عادت
واسطہ خلقِ محبوب کا ہے یا خدا تجھ سے میری دعا ہے
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته! اميرالمؤمنين سيدُناعمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ماڻهن جي دِيني تربيت ۽ انهن جي اصلاح جي باري ڪيتري ڪوشش ڪندا هئا۔ يقيناً سيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي اها مدني تربيت سڀني جي لاءِ هڪ مشعلِ راھ آهي، اميرُالمؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه وقت جو خليفو ۽ بيحد مصروفيتن جي باوجود پنهنجي مجلس ۾ اچڻ وڃڻ واري هڪ هڪ فرد جي غير حاضري کي هڪدم محسوس ڪندا هئا، پوءِ ان کي نظر انداز نه ڪندا هئا بلڪ ان جي باري ۾ معلوم ڪندا هئا ته جيئن جيڪڏهن ان سان ڪو مسئلو (Problem) پيش آيو هجي ته ان کي حل ڪري حاجت روائي ۽ خيرخواهي جو ثواب حاصل ڪريون۔ بالفرض جيڪڏهن هو بيمار ٿي ويو ته ان جو علاج ڪرايون ته جيئن هو تندرست ٿي وڃي۔ ڪنهن پريشاني ۾ مبتلا آهي ته ان جي پريشاني پري ڪريون۔ پر هاءِ! اڄ اسان جي حالت ته هي آهي جو هڪ تعداد آهي جيڪا پنهنجي سڳي ڀائرن تائين جي ڪا خير خبر ناهن وٺنديون۔ اسان جي اسلامي ڀينرون مان ڪا غير حاضر ٿئي ته اسان کي معلوم ئي ناهي هوندو ته هوءَ ڪٿي آهي ۽ ڇو نه پئي اچي؟ ۽ نه ئي اسان ڪوشش ڪريون ٿيون ته ان جي ڪا خيريت معلوم ڪريون ته ڪٿي ان ويچاريءَ سان ڪو آزمائشي معاملو ته ناهي ٿيو؟ ڪٿي هوءَ بيمار ته ناهي ٿي وئي؟ ڪاش! اسان به سيرتِ فاروقي تي عمل ڪرڻ واريون بڻجي وڃون، اچو! مسلمانن جي خيرخواهي جي حوالي سان اَمِيرِ اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا ابوبلا ل محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا معمولات ٻڌون ٿيون۔
اَمير ِاهلسنت ۽ اُمّت جي خير خواهي
امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ وڏين مصروفيتن جي باوجود اڃا به مسلمانن سان مختلف انداز سان خيرخواهي ڪندا رهن ٿا۔ جڏهن ڪنهن جي باري ۾ معلوم ٿيندو