Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi
بُرائي کان روڪي۔ (تنبيه المغترين، ص۲۳۶) ٭ غريب مسلمانن جي مدد ڪرڻ خيرخواهي آهي، ارشاد فرمايائون: جنهن مسلمان ڀاءُ جي حاجت روائي ڪئي، اهو ائين آهي جيئن ان سڄي عمر الله پاڪ جي عبادت ڪئي۔ (ڪنزالعمال ، ڪتاب الزڪوٰة ، باب قضاء الحوائج ۔۔۔الخ،۶/۱۸۹،حديث: ۱۶۴۵۳) ٭ مظلوم جي مدد ڪرڻ خيرخواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جنهن ڪنهن غمزده مومن جي مشڪل پري ڪئي يا ڪنهن مظلوم جي مدد ڪئي ته الله پاڪ ان شخص جي لاءِ 73 مغفرتون لکي ڇڏيندو آهي۔ (شعب الايمان للبيهقي،باب في التعاون علي البرو التقوي،۱۲۰/۶، الحديث: ۷۶۷۰ ، بتغير قليل) ٭ مقروض سان نرمي ڪرڻ خيرخواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:جيڪو تنگدست کي مهلت ڏي يا ان جو قرض معاف ڪري الله پاڪ ان کي جهنم جي گرمي کان محفوظ فرمائيندو۔(مسندامام احمدبن حنبل، مسند عبدالله بن عباس،۱/۷۰۰، حديث : ۳۰۱۷) ٭انتقال تي مائٽن سان تعزيت ڪرڻ خيرخواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو ڪنهن غمزده شخص کان تعزيت ڪندو الله پاڪ ان کي تقويٰ جو لباس پارائيندو ۽ روحن جي وچ ۾ ان جي روح تي رحمت فرمائيندو ۽ جيڪو ڪنهن مصيبت زده سان تعزيت ڪندو الله پاڪ ان کي جنت جي جوڙن مان ٻه اهڙا جوڙا پارائيندو جن جي قيمت (سڄي) دنيا به نٿي ٿي سگھي۔ (المعجم الاوسط للطبراني، من اسمه ھاشم، ۶/ ۴۲۹ ، حديث: ۹۲۹۲)،
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿي۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوتصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)
سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا