Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi
صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ اسان آقا ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏکايل اُمّت جي خيرخواهي جي باري ۾ بزرگانِ دِين جا واقعا ٻڌنديون سين، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جا اُمّت جي خيرخواهي بابت ڪجھ واقعا، سندن ذڪرِ خير ۽ خيرخواهي جي تعريف به ٻڌنديون سين، هن بابت حديث سڳوريون به هتي بيان ڪيون وينديون۔ ان سان گڏوگڏ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سميت ٻين بزرگن جي خيرخواهي جا ڪجھ واقعا ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ مدني گل به ٻڌنديون سين۔ خير خواهي جا دنيوي ۽ اخروي فائدا پڻ ٻڌنديون سين۔ الله ڪري ته دِلجمعي سان اسان اوّل کان آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي هڪ خاندان جي فرياد رسي
هڪ رات اميرُالمُؤمنين حضرت سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه مديني شريف جو دورو ڪري رهيا هئا ته سندن نگاھ هڪ خيمي تي پئي، جڏهن ويجھو ويا ته پاڻ کي ڪنهن جي تڪليف ۾ مبتلا هئڻ جو آواز آيو، ان خيمي جي ٻاهر هڪ شخص ويٺل هو، پاڻ سلام کان بعد ان کان حال پڇيائون ته معلوم ٿيو ته هو خليفه وقت (يعني سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه) کان ئي ملڻ آيو آهي، البت ان کي هي خبر نه هئي ته وقت جو خليفو ان جي سامهون بيٺو آهي۔ بهرحال ان ٻڌايائين ته ان جي گھرواري