Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

جن کي حضورنبي ڪريم،رؤف و رحيمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مُبارڪ زبان سان جنّتي هئڻ جي خوشخبري ) (Good News ڏني آهي۔ (بُخاري،۲/۵۲۵، حديث۳۶۷۹) هي اهي ئي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه آهن جن جي باري ۾ حضور، سراپا نورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اها دعا فرمائي آهي ته اي الله ڪريم! عُمر بن خطاب جي ذَرِيعي اِسلام کي عزّت عَطا فرماءِ! (ابن ماجه، ڪتاب السنة، فضل عمر، ۱/۷۷، حديث : ۱۰۵) هي اهي ئي فاروقِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه آهن جيڪي يتيمن بي سهارن ماڻهن جي خير خواهي جي لاءِ راتين جو جاڳي دؤرو ڪندا هئا۔ هي اهي ئي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه آهن جن جي راءِ جي مطابق قرآنِ ڪريم جون آيت سڳوريون نازل ٿيون۔ (تاريخ الخلفاء، ص۹۶، الصواعق المحرقة، ص۹۹) هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن جو فرمان آهي لَوْ مَاتَتْ شَاةٌ عَلَي شَطِّ الْفُرَاتِ ضَائِعَةً لَظَنَنْتُ أَنَّ اللهَ تَعَالٰي سَائِلِي عَنْهَا يَوْمَ الْقِيَامَةِ جيڪڏهن نهرِ فُرات جي ڪناري ٻڪري جو ٻچو به اڃايل مئو ته مان ڊڄان ٿو ته الله پاڪ مون کان ان جي باري ۾ حساب نه وٺي۔ (حلية الاولياء ، ۱/۸۹) هي اهي ئي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه آهن جيڪي مزارِ مصطفيٰ سان گڏ آرام فرما آهن، جن کي حضور سراپا نور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنّت جي خوشخبري ٻڌائي۔

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ايتري بلند وبالا شان و شوڪت جي باوجود حضرت سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه پياري آقا، محبوبِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت سان خيرخواهي ۽ حاجت روائي ڪري رهيا آهن۔ لهٰذا جيڪڏهن اسان جو ڪو مسلمان ڀاءُ ڪنهن تڪليف ۾ هجي يا ڪنهن به معاملي ۾ ان کي اسان جي ضرورت هجي ۽ اسان ان جي پريشاني (Distress) پري ڪرڻ جي قدرت به رکون ٿا ته اسان کي به حضرت سَيدُنافاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي سيرت تي عمل ڪندي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي خير خواهي ڪرڻ گھرجي۔

      حضرتِ سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي اُمّت جي خير خواهي جا وڌيڪ واقعا به اسان ٻڌنديون سين پر ان کان اڳ ۾ اچو! پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جو مختصر تعارف ٻڌو، جيئن ته