Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi
اُميد سان آهي ۽ ٻار جي پيدائش جو وقت قريب آهي۔ سيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه پنهنجي گھر موٽيا ۽ پنهنجي زوجَه محترمه حضرت سيدتنا اُمّ ڪلثوم بنت علي رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما کي فرمايائون: ڇا توهان ثواب ڪمائڻ چاهيو ٿيون، الله پاڪ ان کي خود توهان تائين پهچايو آهي؟ انهن عرض ڪيائون: حضور! ڪهڙي ڳالھ آهي؟ پاڻ فرمايائون: هڪ عورت جي ٻار جي ولادت جو وقت قريب آهي ۽ ان وٽ ڪو به نه آهي۔ عرض ڪيائين: جيڪڏهن اوهان راضي آهيو ته مان هلان ٿي۔ فرمايائون: ٺيڪ آهي تون ضروري سامان وغيره کڻي وٺ۔ جڏهن اتي پهتا ته پاڻ پنهنجي گھرواريء کي اندر موڪليائون ۽ پاڻ ان شخص وٽ ويهي رهيا۔ ان کي فرمايائون: باھ ٻار۔ ان باھ ٻاري ته پاڻ ديڳڙي ان جي مٿي رکي ڇڏي۔ جڏهن کاڌو پچي ويو ته ٻئي پاسي ٻار جي ولادت به ٿي وئي، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي گھرواريء (Wife) اندران آواز ڏنو: اي امير المؤمنين! پنهنجي ساٿي کي پٽ جي خوشخبري ڏيو۔ جيئن ئي ان شخص لفظ ’’اميرالمؤمنين‘‘ ٻڌو ته ڊڄي ويو ۽ عاجزي سان ڪجھ پوئتي هٽي ويهي رهيو۔ پاڻ فرمايائون: ’’جيئن ويٺل هيؤ ائين ئي ويهي رهو۔ پوءِ پاڻ ديڳڙي کڻي پنهنجي زوجه کي ڏني ۽ فرمايائون: خاتون کي پيٽ ڀري کاراءِ۔ پوءِ پاڻ ان شخص کي به کائڻ جي لاءِ ڏنائون ۽ فرمايائون: سڀاڻي صبح مون وٽ اچجان مان تنهنجي ضرورتن کي پورو ڪندس۔ جڏهن هو شخص صبح سندن وٽ آيو ته پاڻ ان جي ٻار جو وظيفو به جاري ڪيائون ۽ ان کي به مال وغيره عطا ڪيائون۔
(التبصرة ، المجلس التاسع والعشرون في فضل۔۔۔الخ، ج۱، ص۴۲۰)
شانِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!ٻڌو اوهان! سَيدنا فاروقِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ڪهڙي نموني حضور نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏُکايل اُمّت جي هڪ پريشان حال جي خيرخواهي ڪئي، پنهنجي نگراني ۾ باھ روشن ڪرائي، پنهنجي هٿن سان ديڳڙي چڙهائي ۽ کاڌي جي ترڪيب ڪئي، پوءِ پاڻ ئي کاڌو ڪڍي پنهنجي زوجه محترمه جي ذريعي ان عورت جي لاءِ موڪليو۔ هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن جي پاڇي کان شيطان ڀڄندو هو۔ (بخاري، ڪتاب فضائل اصحاب النبي،باب مناقب عمر بن الخطاب،۲/۵۲۶،حديث: ۳۶۸۳) جي ها! هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جو