Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

ويندا هئا۔ (فيضانِ شمس العارفين،ص۳۹)

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان!حضرت خواجه شمسُ الدِّين سيالوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه پنهنجي خانقاھ ۾ مسلمانن جي حاجت روائي ۽ انهن جي خير خواهي جي لاءِ ڪيترو زبردست نظام بڻايو هو، ٿورو سوچيو! اڄ اسان پنهنجي لاءِ اهو پسند ڪريون ٿيون ته اسان کي ڪا تڪليف نه پهچي، اسان سان سچ ڳالهايو وڃي، اسان جو احترام ڪيو وڃي اسان جا حق مڪمل ادا ڪيا وڃن، اسان کي عزّت و تعظيم جي نگاھ سان ڏٺو وڃي، جھڙي طرح اسان اهو سڀ پنهنجي لاءِ پسند ڪريون ٿيون،اسان کي پنهنجن مسلمان ڀائرن جي لاءِ به انهن شين کي پسند ڪرڻ گھرجي۔ اهڙي طرح جڏهن اسان پنهنجي لاءِ اهو ناپسند ڪريون ٿيون ته اسان کي ڌوڪو ڏنو وڃي، اسان جي غيبت ڪئي وڃي، اسان تي تهمت لڳائي وڃي، اسان جو مال چوري ڪيو وڃي، اسان کان رشوت (Bribe) ورتي وڃي، ملاوٽ وارو مال خالص چئي وڪڻيو وڃي، اسان جي بي عزّتي ڪئي وڃي، جهڙي نموني اسان اهي سڀ پنهنجي لاءِ ناپسند ڪريون ٿيون اسان کي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ به انهن شين کي ناپسند ڪرڻ گھرجي ۽ اهڙين شين کان بچڻ گھرجي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيمارن جي عيادت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيمار جي عيادت ڪرڻ به خير خواهي جي هڪ صورت آهي۔ پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي بيماري جو احساس ڪري، دِل جُوئي ۽ دلداري خاطر پنهنجي مصروفيت مان وقت ڪڍي عيادت جي لاءِ وڃڻ دِين و دنيا جي ڪيئي فائدن جو سبب آهي۔ نبي پاڪ،صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: هڪ مسلمان جڏهن پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عيادت جي لاءِ ويو ته واپس موٽڻ تائين جنت جا ميوا چونڊڻ ۾ رهيو۔(مسلم، ڪتاب البر.. إلخ، باب فضل عيادة المريض،ص۱۰۶۵، حديث: ۶۵۵۱)

معلوم ٿيو! عيادت ڪرڻ فضيلت ۽ وڏي ثواب وارو ڪم آهي۔ اسان جا بزرگ سڳورا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيهم اجمعين هن وصف ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا۔ ڪڏهن ته اهي فقط ان نيڪ ڪم جي لاءِ ڪيئي ڪيئي ڏينهن جو سفر ڪندا هئا۔ جيئن سِلسلي رَفاعِيه جي