Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اچو! هاڻي احاديثِ مبارڪه جي روشني ۾ پيءُ جي شان ۽ پيءُ سان حُسنِ سُلوڪ ڪرڻ جي اهميت تي مشتمل 6 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى الله  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو، جيئن

(1)    ارشاد فرمايائون: پيءُ جنت جو وچون دروازو آهي، تنهنجي مرضي آهي، ان جي حفاظت ڪر يا ان کي ڇڏي ڏئي۔

     (ترمذي، ڪتاب البر والصلة،باب :ماجاء من الفضل في رضا الوالدين ،۳/ ۳۵۹، حديث:۱۹۰۶)

(2)    ارشاد فرمايائون: پٽ پنهنجي پيءُ جو حق ادا نٿو ڪري سگھي ايستائين جو پٽ پنهنجي پيءُ کي غلام ڏسي ۽ ان کي خريدي آزاد ڪري ڇڏي۔      

                                              (مسلم،ڪتاب العتق،باب فضل عتق الوالد،حديث:۳۷۹۹،ص۶۲۴)

(3) ارشاد فرمايائون: ربّ جي رضا پيءُ جي رضا مندي ۾ آهي ۽ ربّ جي

 ناراضي پيءُ جي ناراضي ۾ آهي۔

                  (ترمذي، ڪتاب البر والصلة، باب ما جاء من الفضل في رضا الوالدين، ۳/۳۶۰، حديث: ۱۹۰۷)

(4) ارشاد فرمايائون: الله  پاڪ جي اطاعت والد جي اطاعت ڪرڻ ۾ آهي ۽ الله  پاڪ جي نافرماني والد جي نافرماني ڪرڻ ۾ آهي۔

                            (معجم اوسط، باب الالف، من اسمه: احمد، ۱/۶۱۴، حديث: ۲۲۵۵)

(5) ارشاد فرمايائون: جنهن پنهنجي والدين يا انهن مان ڪنهن هڪ کي ڏٺائين ۽ ان سان حسنِ سلوڪ نه ڪيائين هو الله  ڪريم جي رحمت کان پري ٿيو ۽ خدا جي غضب جو مستحق ٿيو۔   (معجم ڪبير، ۱۲/۶۶، حديث: ۱۲۵۵۱)

(6)  ارشاد فرمايائون: توهان مان ڪو پنهنجي پيءُ کي بلڪل گار نه ڏي۔ صحابه ڪرام رَضِىَ الله  تَعَالٰى عَنْهم عرض ڪيو: يارسول الله  صَلَّى الله  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪو شخص پنهنجي پيءُ کي ڪيئن گار ڏئي سگھي ٿو؟ ارشاد فرمايائون: اهو ڪنهن شخص جي پيءُ کي گار ڏيندو ته هو ان جي پيءُ کي گار ڏيندو۔    

                                 (مسلم ،ڪتاب الايمان ،باب الڪبائر واڪبرها ،حديث:۲۶۳،ص۶۰ملخصاً)

اچو! بارگاھ الٰهي ۾ دُعا ڪريون ٿون: