Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha
مستقبل سَنوارڻ جي لاءِ پنهنجون تمام تر توانائيون اَولاد جي لاءِ وَقف ڪندو آهي، پيءُ اَولاد جي لاءِ سائيدار وڻ جيان هوندو آهي، پيءُ پاڻ گرمي برداشت ڪري اَولاد کي آرام ۽ سُڪون پهچائيندو آهي، پيءُ اَولاد جي راحت خاطر پاڻ تڪليفون سهندو آهي، پيءُ اَولاد جا ناز نخرا سهندو آهي، پيءُ قَرض کڻي به اَولاد جي خواهشن کي پُورو ڪندو آهي، پيءُ پنهنجي ٻارن جي امڙ جي وَفات کان بعد اَولاد کي انهن جي ماءُ جي ڪمي محسوس نه ٿيڻ ڏيندو آهي، پيءُ اَولاد جي پيدائش کان پهريان، پيدائش دَوران ۽ بعد جي خرچن کي برداشت ڪندو آهي، پيءُ اَولاد کي چڱو انسان ٺاهيندو آهي، پيءُ اولاد کي ڪامياب انسان ڏسڻ پسند ڪندو آهي، پيءُ اولاد کي عام طور آسائشون مهيا ڪندو آهي، پيءُ اولاد جي تعليم جو خرچو برداشت ڪندو آهي، پيءُ اولاد کي مايوسي جي دلدل مان ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي، پيءُ عام طور اولاد جي لاءِ سٺو ئي سوچندو آهي، پيءُ وقت بوقت پنهنجي اولاد کي مفيد مشورن سان نوازيندو آهي، پيءُ اولاد کي پنهنجي زندگي جي تجربن کان آگاھ ڪندو آهي، پيءُ اولاد کي موجوده ۽ آئنده ايندڙ خطرن ۽ فتنن کان باخبر ڪندو آهي، پيءُ اولاد کي ڪامياب زندگي گذارڻ جا اُصول سيکاريندو آهي، پيء اولاد کي پنهنجي پرائي جو فرق ٻڌائيندو آهي، پيءُ اولاد کي خوش ڏسي خوش ٿيندو ۽ اولاد کي ڏک تڪليف ۾ مُبتَلا ڏسي بي قرار ٿي ويندو آهي، ائين به ٿيندو آهي ته پيءُ اولاد جون سخت ڳالھيون ٻڌي به خاموش رهندو آهي، پيءُ اولاد جي چهري مان ئي ان جي حاجتن ۽ پريشانين کي سمجھي ويندو آهي، پيءُ مشڪلات ۾ اَولاد جي همت وڌائيندو آهي، پيءُ معذور اَولاد کي به بي سهارو ناهي ڇڏيندو، پيءُ نافرمان اَولاد جي لاءِ به پنهنجي محبتن جا دروازا کُليل رکندو آهي، پيءُ نه هجي ته گھر ويران ٿي ويندو آهي ۽ پيءُ سان حُسنِ سُلوڪ ڪرڻ جو حڪم قرآنِ ڪريم ۽ احاديثِ ڪريمه ۾ بيان ٿيو آهي، جيئن
سپارو 15 سُوره بَني اِسرائيل جي آيت نمبر23 ۽ 24 ۾ الله پاڪ اِرشاد فرمائي ٿو: