Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

ڪري، ناجائز فيشن اپنائي، بد عقيده ماڻهن جي صحبت ۾ ويهي، فُضول ڪمن ۾ پيسو برباد ڪري، مطلب ته طرح طرح جي بُرائين ۾ مُبتَلا ٿي وڃي پر ان مُعاملات ۾ ان کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ ته رهي پري جي ڳالھ آهي پيءُ جي پيشاني تي گھنج تائين ناهي ايندو۔ اهي نظاره به ڏسڻ جي لاءِ ملندا آهن جو ڪو اصلاح ڪري به ته پيءُ چوندو آهي”اڃا ته هي ٻار آهي“، ”نادان آهي“، ”آهستي آهستي سمجھي ويندو“، ”ٻارن تي ايتري به سختي نه ڪرڻ گھرجي“ وغيره۔ اسلامي تربيت کان محروم، حد کان وڌيڪ لاڏ پيار ۽ ڍِر ڏيڻ جي اهو ئي ٻار جڏهن پيء، خاندان ۽ معاشري جي بدنامي جو سبب ٿيندو آهي، ڌڙڪا ڏيڻ يا پيسا نه ڏيڻ تي پيءُ کي اکيون ڏيکاري، ڌڙڪا يا پيءُ تي هٿ کڻي ٿو ته ان وقت پيءُ کي خير خواهن جون نصيحتون ياد اچڻ لڳنديون آهن، هاڻ پيءُ ان جي اصلاح جي لاءِ تڙپندو، دعائون ڪندو ۽ ڪرائيندو آهي پر اصلاح جي ڪا صورت نظر ناهي ايندي، ان وقت پاڻي مٿي کان گھڻو اوچو ٿي چڪو هوندو آهي ۽ پڇتائڻ جي علاوه ٻيو ڪجھ نه ورندو۔ ڄڻ والدين جي ٿوري بي پرواهي جي سبب هڪ قيمتي موتي ضايع ٿي چڪو هوندو آهي.

دیکھے ہیں یہ دن اپنی ہی غفلت کی بدولت            سچ ہے کہ بُرے کام کا انجام برا ہے

اولاد جي مدني تربيت نه ڪرڻ ۽ انهن کي حد کان وڌيڪ ڊيل ڏيڻ سبب پيءُ کي ڪهڙا ڪهڙا ڏينهن ڏسڻا پوندا آهن۔ اچو! هن باري ۾ 2 سبق آموز حڪايتون ٻڌو ۽ اولاد جي اسلامي طريقي مطابق تربيت ڪرڻ جي نِيت ڪريو، جيئن

اولاد جي اسلامي تربيت نه ڪرڻ جو نقصان

هڪ شخص پنهنجي پيءُ کي چيائين: اوهان منهنجي ننڍپڻ ۾ (اسلامي تعليمات مطابق تربيت نه ڪري) مون کي ضائع ڪيو تنهنڪري هاڻي مان اوهان کي پوڙهائپ ضائع ڪندس۔  (فيض القدير،۱/۲۹۲،تحت الحديث :۳۱۱)

بي اولاد کي جڏهن اولاد مليو!

شيخِ طريقت،اميرِ اَهلسُنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس