Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اها مدني ماحول ۾ ترقي ڪندي ڪندي علاقائي سطح تي اجتماع جي ذميدار جي حيثيت سان مدني ڪمن ۾ مصروفِ عمل آهن (انوکي ڪمائي ص13)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! عام طور هر پيءُ جي اها دلي خواهش هوندي آهي ته ”منهنجو اولاد منهنجو فرمانبردار رهي، مون سان سٺو سلوڪ ڪري، نيڪ، متقي و پرهيز گار بڻي، مُعاشري ۾ عزّت دار ۽ پاڪيزه ڪردار وارو ٿئي“ پر اڪثر نتيجو ان جي اُبتڙ ئي ايندو آهي۔ ڇو؟ ان ڪري جو جيڪو پيءُ تربيتِ اولاد جي بنيادي اسلامي اُصولن کان ئي ناواقف، بي عمل

 ۽ چڱي ماحول جي برڪتن کان محروم هوندو ته هو ڀلا ڪيئن پنهنجي اولاد جي چڱي تربيت ڪري سگھندو؟۔ شايد انهيءَ ڪري اڄ اولاد جي تربيت جو معيار اهو بڻجي چڪو آهي جو ٻار جيڪڏهن ڪم ڪار نه ڪري، اسڪول، ڪوچنگ سينٽر، ٽيوشن يا اڪيڊمي مان موڪل ڪري يا ان معاملي ۾ سُستي جو شڪار ٿئي، ڪنهن تقريب ۾ وڃڻ جو يا مخصوص لباس ۽ جوتا پائڻ جو چيو وڃي ۽ هو ان تي راضي نه ٿئي، اهڙي طرح ٻين دنيوي معاملات ۾ هو ”اگر مگر“ ۽ ”جيئن ته، پوءِ“ کان ڪم وٺي يا هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪري ته ان جو ٺيڪ ٺاڪ نوٽس ورتو ويندو آهي، خوب ڪلاس ورتي ويندي آهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليڪچر ڏنا ويندا آهن، ايستائين جو مارڪٽ کان به پاسو ناهي ڪيو ويندو پر جيڪڏهن اهو ئي ٻار نمازون قضا ڪري يا جماعت کان نماز نه پڙھي، مدرسي يا جامعه جي موڪل ڪري يا دير سان وڃي، سڄي سڄي رات آواره گردي ڪري، موبائل ۽ سوشل ميڊيا (Social Media) جي ذريعي نا محرمن سان ناجائز تعلقات قائم ڪري، موبائل يا نيٽ جو غلط استعمال ڪري، عشقِ مجازي جي آفت ۾ گرفتار ٿي وڃي، فلمون ڊراما ڏسي، گانا باجا ٻڌي، نت نوان فيشن اپنائي، حرام ۽ حلال جي پروا نه ڪري، شراب پئي، جُوا کيڏي، ڪوڙ ڳالهائي، غيبتون ڪري، رشوتن جي ڏيتي ليتي