Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

ته ڪجھ ڌاڳا هڪ هنڌ گڏ هئا جنهن سبب شهزاديء جو انتهائي نرم ۽ نازڪ جسم بي چين ٿي رهيو هو۔ اَردَ شِير کي ان جي جسم جي نرمي ۽ نزاڪت تي گھڻو تعجب ٿيو۔ ان پڇيائين: ”تنهنجو پيءُ تون کي ڪهڙي غذا کارائيندو هو جنهن جي ڪري تنهنجو جسم ايترو نرم ۽ نازڪ آهي؟“ شهزادي چيائين: ”منهنجي غذا مکڻ، هڏين جو مِک، ماکي ۽ مغز هوندي هئي۔“ اَردَ شِير چيائين: ”تنهنجي پيءُ جيان آسائش ۽ آرام تون کي ڪڏهن ڪنهن نه ڏنو هوندو۔ تو ان جي احسان ۽ قرابت جو ايترو بُرو بدلو ڏنو جو ان کي قتل ڪرائي ڇڏيو۔ جڏهن تون پنهنجي شفيق پيءُ سان ڀلائي نه ڪري سگھين ته مان به پنهنجو پاڻ کي تو کان محفوظ نٿو سمجھان۔“ پوءِ اَردَ شِير حڪم ڏنائين: ’’هن جي مٿي جي وارن کي طاقتور گھوڙي جي پڇ سان ٻڌي گھوڙي کي تيزي سان ڊوڙايو وڃي۔“ حڪم جي پيروي ٿي ۽ ڪجھ ئي لمحن ۾ ان نفس پرست شهزادي جو جسم ٽڪر ٽڪر ٿي ويو۔   (عيون الحڪايات، ۲/۲۳۱)

(2) اهو انهيءَ جو بدلو آهي

حضرتِ سيّدُنا ثابت بُناني رَحْمَةُ الله  تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته هڪ جاءِ تي هڪ شخص پنهنجي پيءُ کي ماري رهيو هو۔ ماڻهن ان کي ملامت ڪئي ته اي بدبخت هي ڇا پيو ڪرين؟ ان تي ان جو پيءُ چوڻ لڳو ته ان کي ڇڏي ڏيو۔ مان به انهيءَ جاءِ تي پنهنجي پيءُ کي ماريندو هئس، اهو ئي سبب آهي جو منهنجو پٽ به مون کي انهيءَ جاءِ تي ماري رهيو آهي۔ هي ان جو ئي بدلو آهي، ان کي ملامت نه ڪيو۔                                                                     (تنبيه الغافلين، باب حق الولد علي الوالد ،ص۶۹)

(3) سڀاڻي ساڳيو انجام منهنجو ٿيندو

چون ٿا ته هڪ جوان پنهنجي پوڙھي پيءُ کان تنگ اچي ان کي دريا ۾ اڇلائڻ ويو۔ پيءُ چيائين: پٽ! مون کي ٿورو اڃا اڳتي اونهائي ۾ کڻي اڇلائي۔ پٽ چيائين: هتي ڪناري تي ڇو نه ۽ اتي اونهائي ۾ ڇو؟ پيءُ جواب ڏنائين: ان ڪري جو هتي ته مون پنهنجي پيءُ کي اڇلايو هو۔ هي ٻڌي پٽ ڏڪي ويو ته سڀاڻي منهنجو به ساڳيو ئي انجام ٿيندو۔ هو پيءُ کي گھر وٺي