Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

جنت جو درمياني دروازو فرمايو ويو آهي۔ ٭ پيءُ جي احسانات جو بدلو ڪڏهن به ادا ٿي نٿو سگھي۔ ٭ پيءُ جي رضا ۾ الله  پاڪ جي رضا آهي۔ ٭ پيءُ کي ناراضي ۾ الله  پاڪ جي ناراضي آهي۔ ٭ پيءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ ۾ الله  پاڪ جي فرمانبرداري ڪرڻ آهي۔ ٭ پيءُ جي نافرماني ڪرڻ ۾ الله  پاڪ جي نافرماني ڪرڻ آهي۔ ٭ پيءُ سان حُسنِ سُلوڪ نه ڪرڻ واري رحمتِ الٰهي کان پري ۽ غضبِ الٰهي جي حقدار ٿئي ٿي۔ ٭ پيءُ سان بدسُلوڪي ڪرڻ وارن کي پنهنجي ڪئي جي سزا دنيا ۾ ئي ملي ويندي آهي۔

الله  ڪريم اسان کي پنهنجي والد جو قدر ڪرڻ، اُن سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ ۽ انهن کي هميشه خوش رکڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى الله  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

گھر ۾ مدني ماحول بڻائڻ بابت مدني گل

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي اچو! گھر ۾ مدني ماحول بنائڻ بابت مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون۔ پهريان 2 فرمان مصطفيٰ صَلَّى الله  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: پنهنجي گھرن کي قبرستان نه ٺاهيو، بيشڪ جنهن گھر ۾ (سوره) بقره پڙھي ويندي آهي شيطان ان گھر مان ڀڄي ويندو آهي۔ (مسلم، ڪتاب صلاة المسافرين ،باب استحباب صلاةالنافلة في بيته۔ ۔ الخ،ص۳۰۶، حديث: ۱۸۲۴) (2) فرمايائون: جنهن گھر ۾ الله  پاڪ جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ۽ جنهن گھر ۾ الله  پاڪ جو ذڪر ناهي ڪيو ويندو، ان جو مثال زنده ۽ مرده جيان آهي۔ (بخاري، ڪتاب الدعوات، باب فضل ذڪر الله ،۴/ ۲۲۰،حديث: ۶۴۰۷) ٭ گھر ۾ ايندي ويندي بُلند آواز سان سلام ڪريو۔ ٭ والد يا والده کي ايندي ڏسي تعظيماً بيهي رهو۔ ٭ ڏينهن ۾ گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرو اسلامي ڀينرون ماءُ جي هٿن ۽ پيرن کي چمي ڏين۔ ٭ والدين جي سامهون آواز هلڪو رکو، انهن سان اکيون بلڪل نه ملايو۔ ٭ انهن جو سونپيل هر اهو ڪم جيڪو خِلافِ شرع نه هجي هڪدم ڪريو۔ ٭ ماءُ بلڪ گھر (۽ ٻاهر) جي هڪ ڏينهن جي ٻار کي به ’’اوهان‘‘ چئي