Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha
المدينه بالغات جي برڪت سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ ٻڌڻ جي سعادت ملندي آهي٭ مدرسة المدينه بالغات جي برڪت سان مدني انعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي٭ مدرسة المدينه (بالغات) جي برڪت سان علمِ دين جي دولت نصيب ٿيندي آهي٭ مدرسة المدينه بالغات جي برڪت سان چڱا اخلاق اپڻائڻ جو موقعو ملندو آهي، اچو مدرسة المدينه بالغات ۾ پڙهڻ جي برڪت تي مشتمل هڪ
مدني بهار ٻڌو ۽ جهومو، جيئن
باب المدينه (ڪراچي) ميمڻ سوسائٽي ۾ رهائش ڪندڙ هڪ اسلامي ڀيڻ دعوت اسلام جي سنتن ڀري مدني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان ان جا ڏينهن رات الله ڪريم جي نافرمانين ۾ گزري رهيا هئا، نچڻ ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق هو، انهن بيهودگين ۾ ان جي زندگي جو هڪ حصو ضايع ٿي چڪو هو، هڪ ڏينهن دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هڪ پرديدار اسلامي ڀيڻ سان ان جي ملاقات ٿي وئي، ان شفقت ڪندي نيڪي جي دعوت جي دوران گناهن کان بچڻ جو ذهن ڏنو، ان جي دعوت جي برڪت سان قبر ۽ آخرت جي تياري جو ذهن بڻيو، دل تي لڳل گناهن جو زنگ دور ٿيڻ لڳو ۽ ان جي دل جو آئينو صاف ۽ شفاف ٿيڻ لڳو. انهيء دوارن هڪ اسلامي ڀيڻ جي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ مدرسة المدينه (بالغات) ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪري ڏني، جتي قرآنِ مجيد درست مخارج کان پڙهڻ سان گڏو گڏ وضو، نماز ۽ طهارت وغيره سان متعلق به اهم ڳالهيون سکڻ جو موقعو مليو. هڪ ڏينهن معلمه اسلامي ڀيڻ ان کي آسان انداز ۾ نماز جو طريقوسيکاريو ته کوڙ اهم ڳالهين جي خبر پئي ۽ ان جون گهڻيون خاميون دور ٿي ويون. وقتاً فوقتاً ملڻ واري نيڪي جي دعوت جي برڪت سان ڏينهن و ڏينهن دعوت اسلامي جي محبت ان جي دل ۾ وڌندي وئي، سٺين عاتن ۽ اخلاق جي خوشبوئن سان ان جوظاهر ۽ باطن روشن ٿيڻ لڳو، فضوليات ۽ لغويات سان جان ڇٽي وئي، ذڪر ۽ درود ان جي زبان تي جاري ٿي ويو هاڻي ان کي روحاني سڪون جو احساس ٿيڻ لڳو. بيان ڏيڻ وقت