Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

آهي ته سڀاڻي اسان جا ٻار به اسان سان اهڙي طرح جو سلوڪ ڪن، جيئن ته

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي

حديث پاڪ ۾ آهي: کَمَا تَدِينُ تُدَانُ يعني جهڙو ڪندو اهڙو ڀريندو۔ (مصنف عبدالرزاق،کتاب الجامع،باب الاغتیاب والشتم،۱۰ / ۱۸۹،حدیث: ۲۰۴۳۰)

حضرت علّامه عبدُالروؤف مُناوي رَحْمَةُ الله  تَعَالٰی عَلَيْه کمَا تَدِينُ تُدَانُ جي وضاحت ۾ لکن ٿا: يعني جهڙو توهان ڪندو تهڙو توهان کي ان جو بدلو ملندو، جيڪو توهان ڪنهن سان ڪندو اهو ئي توهان سان ٿيندو۔ (التيسير بشرح الجامع الصغير،۲/۲۲۲)

اعليٰ حضرت، امامِ اهلِسنّت مولانا شاھ امام احمد رضاخان رَحْمَةُ الله  تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: بي عقل ۽ شرير ۽ ناسمجھ جڏهن طاقت ۽ توانائي حاصل ڪندا آهن ته پوڙهي پيءُ تي ئي زور آزمائي ڪندا آهن ۽ ان جي حڪم جي خلاف ورزي اختيار ڪندا آهن جلد نظر اچي ويندو ته جڏهن پاڻ پوڙها ٿيندا ته پنهنجي ڪرڻي جي جزا پنهنجي هٿ سان چکندا۔ (فتاوي رضويه ،۲۴/۴۲۴)

دیکھے ہیں یہ دن اپنی ہی غفلت کی بدولت

سچ ہے کہ بُرے کام کا اَنجام بُرا ہے

اچو! هاڻي دل پڪڙي پيءُ سان بدسلوڪي ڪرڻ جي عبرت ناڪ انجام تي مشتمل 3 فڪر انگيز حڪايتون ٻڌو ۽ عبرت حاصل ڪريو،

(1)پيءُ سان بدسلوڪي جو انجام

 حضرت سيدُنا عبدُ الله  بن مسلِم بن قُتَيبَه رَحْمَةُ الله  تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن ’’اَردَشِير‘‘ نالي بادشاھ پنهنجي حڪومت (Government) کي مستحڪم ڪري ورتائين ته ننڍن ننڍن بادشاهن ان جي تابع رهڻ جو اقرار ڪيائون۔ هاڻ ان جي نگاھ نهايت وڏي قريبي سلطنت ”سُريانِيه“ ڏانهن هئي۔ اَردَ شِير ان ملڪ تي ڪاھ ڪئي، اتي جو بادشاھ هڪ وڏي شهر ۾ قلعه بند هو۔ اَردَ شِير شهر جو محاصرو ڪيائين پر ڪافي عرصو گذرڻ جي باوجود به هو ان شهر کي فتح نه ڪري سگھيو۔ هڪ ڏينهن بادشاھ جي ڌيءَ قلعي جي ڀت تي چڙھي