Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

ته اوچتو ان جي نظر اَردَ شِير تي پئي۔ شهزاديء ان جي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي ۽ عشق جي باھ ۾ تڙپڻ لڳي، نيٺ نفس جي هٿان مجبور ٿي ان هڪ تير تي اها عبارت لکي: ’’اي حسين وجميل بادشاھ! جيڪڏهن تون مون سان شادي ڪرڻ جو وعدو ڪرين ته مان تو کي اهڙو ڳجھو رستو ٻڌائينديس، جنهن جي ذريعي تون ٿوري تڪليف کان بعد آساني سان هن شهر کي فتح ڪري وٺندين۔“ پوءِ شهزادي اهو تير اَردَ شِير بادشاھ ڏانهن اڇلايو۔ ان تير تي لکيل عبارت پڙھي ۽ هڪ تير تي اهو جواب لکيائين: ’’جيڪڏهن تون اهڙو رستو ٻڌايو ته تنهنجي خواهش ضرور پوري ڪئي ويندي اهو اسان جو واعدو آهي۔“ ۽ تير شهزادي ڏانهن اڇلايائين۔ شهزاديء اها عبارت پڙھي ته هڪدم ڳجھي رستي جو پتو لکي تير بادشاھ ڏانهن اڇلايائين۔ شهوت هٿان مجبور ٿيندڙ ان بي مُرُوَّت شهزاديء جي ٻڌايل رستي تان اَردَ شِير بادشاھ تمام جلد ان شهر کي فتح ڪري ورتو۔

غفلت ۽ بي خبري جي عالم ۾ کوڙ سارا سپاهي هلاڪ ٿي ويا ۽ شهر جو بادشاھ يعني ان شهزاديءِ جو پيءُ به قتل ڪيو ويو۔ وعدي موجب اَردَ شِير شهزاديء سان شادي ڪري ورتي، شهزادي کي نه ته پنهنجي پيءُ جي هلاڪت جو غم هو ۽ نه ئي پنهنجي ملڪ جي بربادي جي ڪا پرواهه۔ بس پنهنجي نفساني خواهش جي مطابق ٿيڻ واري شادي تي اها بيحد خوش هئي۔ ڏينهن گذرندا رهيا، ان جي خوشين ۾ اضافو ٿيندو رهيو۔ هڪ رات جڏهن شهزادي بستر تي ليٽي ته ڪافي دير تائين ان کي ننڊ نه آئي اها بي چيني سان هر هر پاسا بدلجندي رهي۔ اَردَ شِير ان جا اها حالت ڏٺي ته چيائين: ’’ڇا ڳالھ آهي؟ تون کي ننڊ ڇو نه پئي اچي؟‘‘شهزادي چيائين: ’’منهنجي بستر تي ڪا شيء آهي جنهن جي ڪري مون کي ننڊ نه پئي اچي۔‘‘ اَردَ شِير جڏهن بستر ڏٺائين