Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha
وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!دينِ اسلام پيءُ جهڙي محترم هستي جا کوڙ حق بيان ڪيا آهن ۽ اسان کي پيءُ جهڙي مهربان ذات سان حُسنِ سُلوڪ ڪرڻ جو واضح حڪم ارشاد فرمايو آهي۔ تنهنڪري جهڙي طرح اسان پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪريون ٿيون، ان جي حقن کي ادا ڪريون ٿيون ۽ ان سان حُسنِ سُلوڪ ڪريون ٿيون، اهڙي طرح اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي والد جي به قدر ڪريون، ان جا حق پورا ڪريون، ان جو ادب ڪريون ۽ ان جي خدمت ڪندو رهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پيءُ جي خدمت ڪرڻ نهايت ئي وڏي سعادت مندي جي ڳالھ ۽ رضاءِ الٰهي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي۔ پيءُ جي خدمت ڪرڻ جي بدلي ۾ الله پاڪ اولاد کي ڪهڙن ڪهڙن اِنعامن ۽ نوازشن سان نوازي ٿو۔ اچو! هن ضمن ۾ هڪ ايمان افروز حڪايت ملاحظه ڪريو ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ مدني گلن کي پنهنجي دل جي مدني گلدستي ۾ سجائينديون وڃو، جيئن
دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”الله والوں ڪي باتيں“ جلد 4 صفحي نمبر 14 تي آهي: هڪ شخص جا چار پٽ هئا، اهو شخص بيمار ٿيو ته انهن مان هڪ چيائين: ”يا ته توهان ٽئي والد جي تيمارداري ڪريو (سار سنڀار لهو) ۽ ان جي ميراث مان پنهنجي لاءِ ڪجھ حصو نه وٺو يا مان ان جي تيمارداري ڪيان ٿو ۽ ان جي ميراث مان ڪجھ حصو نه وٺندس۔“