Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha
توهان کي ٻيڻي رقم ڏينداسين۔ ڇوڪري پڇيائين: ”ڇا توهان واقعي ايترو ڏيندؤ؟“ ان چيائين: ”ها۔“ پوءِ ڇوڪري ٻيو موتي ٻيڻي قيمت ۾ (يعني سون کان سٿيل 60 خچرن جي عيوض) وڪڻي ڇڏيائين۔ (اللّٰه والوں کی باتيں،۴/۱۴)
سبحان الله ! ڇا شان آهي الله رحمٰن جو، الله ڪريم ڪهڙي طرح پنهنجي ٻانهن کي نوازيندو آهي. سبحان الله !
بڑے بھائی بہن کا میں کہا مانا کروں ہردم کروں ماں باپ کی دِن رات خدمت یارسولَ اللہ
الله پاڪ پنهنجي ڪرم ۽ پنهنجي رحمت سان پنهنجي ٻانهن جا ڪم بڻائيندو آهي. اچو!هن بابت هڪ آيتِ مبارڪه ٻڌون ٿا. جيئن
سيپارو 22 سورة الاحزاب، آيت نمبر 48 ۾ ارشادِ باري آهي:
وَ تَوَكَّلْ عَلَى اللّٰهِؕ-وَ كَفٰى بِاللّٰهِ وَكِیْلًا(۴۸)
ترجمو: ۽ الله تي ڀروسو رک ۽ الله ڪافي آهي ڪارساز.
بيان ڪيل آيتِ مبارڪه جي تحت تفسير صراط الجنان ۾ آهي: جيڪو دنياوي ۽ اخروي ڪمن ۾ الله پاڪ تي ڀروسو رکي ته الله پاڪ ان کي ڪافي آهي۔ ( روح البیان، الاحزاب، تحت الآیۃ: ۴۸، ۷/۱۹۹-۲۰۰، جلالین مع صاوی، الاحزاب، تحت الآیۃ: ۴۸، ۵/۱۶۴۵- ۱۶۴۶ملتقطاً)(صراط الجنان،۸/۶۱)
معلوم ٿيو! الله پاڪ تي توڪل يعني ڀروسو ڪرڻ عظيم ڪم آهي، تنهنڪري انسان کي گهرجي ته اهي اسباب اختيار ڪري پر الله پاڪ جي ذات تي ڪامل ڀروسو ڪري ۽ پنهنجا معاملا ان جي حوالي ڪري.
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! قربان وڃجي! ان سعادت مند ۽ عقلمند پٽ جي سمجھداري تي! بلڪل جيڪڏهن هو چاهي ها ته پنهنجي ٻين نالائق ڀائرن وانگر پنهنجي حصي جو مال کڻي والدِ محترم جي شفقتن، ان جي خدمت جي بدلي ملڻ واري تمام وڏي ثواب کان پنهنجو پاڻ کي محروم ڪري ها پر اهو خوش نصيب، وفادار، غيرت مند ۽ سمجھدار پٽ هو، فاني دنيوي مال ۽ دولت جي