Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

سبب پيءُ جي احسانن کي وسارڻ وارو نه ھو، ان کي معلوم هو ته پيءُ جي خدمت ڪرڻ سان الله  پاڪ ۽ رسول پاڪ صَلَّى الله  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا حاصل ٿيندي آهي، ها! ها! هي اها معزز شخصيت آهي، جنهن جي خدمت اولاد کي جنت جو حقدار ڪندي آهي۔ ان کي اها به خبر هئي ته دولت ته اچڻ وڃڻ واري شيء بلڪ هٿن جو مَرُ آهي، مال وڃي ٿو وڃي پر پيءُ جي خدمت جي سعادت هٿان نه ڇٽي، تنهنڪري ان باڪمال ۽ وفادار پٽ فاني مال ۽ دولت کي موٽائي

 پنهنجي بيمار والد جو سهارو بڻجڻ کي ترجيح ڏني ۽ آخري پساھ تائين ان جي سار سنڀار ڪرڻ ۾ مشغول رهيو ايستائين جو سندن پيءُ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، الله  پاڪ کي ان لائق پٽ جو پنهنجي والد جي خدمت ڪرڻ جو عمل ايتري قدر پسند آيو جو ان وفا شعار پٽ کان راضي ٿي الله  پاڪ دنيا ۾ ئي پنهنجي نعمتن جي برسات ڪري ڇڏي۔ الله  ڪريم هر مسلمان کي پنهنجي والد جو اطاعت گذار ۽ فرمانبردار بڻائي ۽ انهن جي خدمت ڪندو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى الله  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!ياد رکو! پيءُ جا پنهنجي اولاد تي ايتري قدر احسان هوندا آهن جو جيڪڏهن اولاد کي هڪ ته ڇا ڪيئي زندگيون به ملن تڏهن به هو پنهنجي پيءُ جي احسانن جو بدلو نٿو چڪائي سگھي۔ ”پيءُ“ قُدرت جو اَنمول تحفو آهي، پيءُ خاندان ۾ اَولاد جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي، پيءُ کي راضي رکڻ اولاد تي لازم آهي، پيءُ جي حقن کان آزاد ٿيڻ ناممڪن آهي، پيءُ صبح سويري ڪم ڪار جي لاءِ گھران نڪرندو آهي سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري اولاد جو پيٽ ڀريندو آهي، پيءُ اَولاد جي ترقّي لاءِ هميشه تڙپندو رهندو آهي، پيءُ پنهنجي اَولاد جي ڀلائي چاهڻ وارو هوندو آهي، پيءُ پنهنجي اولاد تي احسان ڪندو آهي، پيءُ بيمار اَولاد تي خرچ به ڪندو آهي،۽ وقت به ڏيندو آهي، پيءُ بيمار اَولاد خاطر سخت سياري ۾ به سڄي سڄي رات جاڳي گذاريندو آهي، پيءُ بيمار اولاد خاطر مهانگين اسپتالن جا چڪر لڳائيندو ۽ مهانگيون دوائون به خريد ڪندو آهي، پيءُ اَولاد جو