Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

وَ بِالْوَالِدَیْنِ اِحْسَانًاؕ-اِمَّا یَبْلُغَنَّ عِنْدَكَ الْكِبَرَ اَحَدُهُمَاۤ اَوْ كِلٰهُمَا فَلَا تَقُلْ لَّهُمَاۤ اُفٍّ وَّ لَا تَنْهَرْهُمَا وَ قُلْ لَّهُمَا قَوْلًا كَرِیْمًا(۲۳)وَ اخْفِضْ لَهُمَا جَنَاحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحْمَةِ وَ قُلْ رَّبِّ ارْحَمْهُمَا كَمَا رَبَّیٰنِیْ صَغِیْرًاؕ(۲۴)

ترجموڪنزالايمان: ۽ ماءُ پيءُ سان چڱو سلوڪ ڪريو جيڪڏهن تنهنجي سامهون انهن مان هڪڙو يا ٻئي پوڙهائپ کي پهچي وڃن ته انهن کي اُف (هون) نه چئجان ۽ نه انهن کي جهڻڪ ۽ انهن سان ڳالهه تعظيم واري ڳالهاءِ ۽ انهن جي واسطي عاجزي جا پر وڇاءِ، نرم دلي سان عرض ڪر اي منهنجا رب تون انهن ٻنهي تي رحم ڪر جيئن انهن ٻنهي مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو.

حضرت علّامه مَولانا سَيد مُفتي محمد نعيمُ الدِّين مُرادآبادي رَحْمَةُ الله  تَعَالىٰ عَلَيۡه هنن آيتن سڳورين جي تحت فرمائن ٿا: جڏهن والِدَين تي ضُعف (ڪمزوري) جو غَلَبو هجي، عضوئن ۾ قُوَّت نه رهي ۽ جيئن تون ننڍپڻ ۾ انهن وٽ بي طاقت هئين ائين ئي هو به عُمر جي آخر ۾ تو وٽ ڪمزور رهجي وڃن۔ ته ڪا اهڙي

 ڳالھ زبان مان نه ڪڍجان، جنهن مان اهو سمجھيو وڃي ته انهن جي طرفان طبيعت تي ڪجھ گِراني (بوجھ) آهي۔ نه اُنهن کي دڙڪا ڏجان، نه تيز آواز سان ڳالھ ڪجان بلڪ ڪمالِ حُسنِ اَدب (تمام سٺي ادب) سان ماءُ پيءُ سان اهڙي طرح ڪلام ڪر جيئن غُلام ۽ خادِم (پنهنجي) آقا سان ڪندو آهي۔ انهن سان نَرمي ۽ عاجزي سان پيش اچ، ۽ انهن سان ٿڪل وَقت ۾ شَفقت ۽ مَحَبَّت ڀريو ورتاؤ ڪر ڇوته اُنهن تنهنجي مجبوري جي وَقت توکي مَحَبَّت سان نپايو هو ۽ جيڪا شيء انهن کي کپي ته انهن تي خَرچ ڪرڻ ۾ ڪنجوسي (بُخل) نه ڪر۔ مطلب هي آهي ته دنيا ۾ بهتر سُلُوڪ ۽ خدمت ۾ ڪيترو به مُبالَغو ڪيو وڃي پر والِدَين جي اِحسان جو حق ادا نٿو ٿي سگھي، ان ڪري انسان کي گھرجي ته بارگاھ اِلٰهي ۾ انهن تي فَضل ۽ رَحمت فرمائڻ جي دُعا ڪري ۽ عَرض ڪري ته ياربّ! منهنجون خدمتون انهن جي احسان جي جَزا (بدلو) نٿيون ٿي سگھن پوءِ تون انهن تي ڪرم ڪر ته انهن جي اِحسان جو بدلو ٿئي۔

پِیر و مُرشِد پر مِرے ماں باپ پر     ہو سدا رَحمت اے نانائے حُسَیْن

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد