Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha
| مُطِیْع اپنے ماں باپ کا کر میں اُنکا |
| ہر ایک حکم لاؤں بجا یااِلٰہی |
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!ٻڌو اوهان! الله پاڪ والد کي ڪيڏي بلند شان جو مالڪ بڻايو آهي جو الله پاڪ پنهنجي رضا ۽ فرمانبرداري کي پيءُ جي رضا ۽ فرمانبرداري تي موقوف فرمائي ڇڏيو ۔ ٿيڻ ته اهو گھرجي ته اسان الله پاڪ ۽ رسول ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن تي لبيڪ چوندي دل ۽ جان سان ماءُ پيءُ جي خدمت ڪري انهن جون دعائون وٺون ها، ماءُ پيءُ جي حقن کي پورو ڪريون ها، ماءُ پيءُ جي هر جائز حڪم جي پيروي ڪريون ها، ماءُ پيءُ جي سڏ تي لبيڪ چوندي انهن جي خدمت ۾ ڊوڙنديون هليون اچون ها، ماءُ پيءُ جي ضرورتن کي پنهنجي ضرورتن تي مقدم رکون ها، ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ کي بچايون ها، مشڪل حالات، بيماري ۽
پوڙهائپ ۾ اُنهن جو سهارو ٿيون ها، مطلب ته هر طرح سان ماءُ پيءُ کي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪريون ها پرافسوس! صد هزارافسوس! عِلمِ دين کان دوري جي ڪري اڄ پيءُ مظلوم ترين ماڻهن جي صف ۾ شامل ٿي چڪو آهي، افسوس! ڪافرن ۽ اسلام جي دشمنن جي طريقن کي ڏسي ڏسي هاڻي پيءُ جهڙي عظيم هستي سان نوڪرن وارو سُلوڪ ڪيو پيو وڃي، بدقسمتي سان پيءُ سان بدسُلوڪي جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، گھر جا سمورا ڪم پيءُ کان ڪرايا پيا وڃن ايستائين جو گھر جو ڪچرو کڻڻ ۽ گٽر کولرائڻ جو ڪم به پيءُ کان ورتو پيو وڃي، پهريان جي دور ۾ ٻار ڊڄندا هئا ته ڪٿي پيءُ ناراض نه ٿي وڃي پر هاڻ حال هي آهي ته پيءُ ڊڄندو آهي ته ڪٿي ٻار ناراض نه ٿي وڃن، هڪ اڪيلو پيءُ 5 ٻارن کي پاليندو آهي پر 5 ٻار هڪ پيءُ کي نٿا سنبڀالي سگھن، پيءُ نصيحت ڪري ته جهڻڪي ان جي ڳالھ کي توجھ ناهي ڏني ويندي، پيءُ خرچو گھري ته طرح طرح جي حيلن بهانن کان ان کي ٽاريو ويندو آهي، پيءُ اولاد جي بهتري جي لاءِ ڪجھ سخت جملا