Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

چئي ته نرڙ تي گھنج اچي ويندا آهن ۽ نادان اولاد زبان درازي تي لهي ايندو آهي، پيءُ بيمار ٿئي ته ان کي اسپتال کڻي وڃڻ جي لاءِ ڪو تيار ناهي ٿيندو، پيءُ جيستائين ڪمائڻ جي مشين بڻيل رهي ته گھڻو وڻندو آهي پر جيڪڏهن بيمار ٿي وڃي، ڪم ڪار جي لائق نه رهي، اولاد جي مزاج جي خلاف ڪو فيصلو ڪري، اولاد کي ڪنهن نقصان پهچائڻ واري ڪم کان منع ڪري، اهڙي صورت ۾ به اولاد کي سمجهه ۾ ناهي ايندو، پيءُ  خرچو نه ڏئي سگهي يا پوڙهائپ جي ويجھو پهچي ته اولاد وٽ ان جي اهميت ڪنهن بيڪار شيء کان گھٽ ناهي رهجي ويندي، ٻارن جي اَمڙ جي انتقال کان بعد عُموماً پيءُ جي دنيا بي رونق ٿي ويندي آهي، ان کي اڪيلائپ ڏکي لڳندي آهي، اهڙي ۾ ان کي اولاد جي همدردي جي وڌيڪ ضرورت ٿيندي آهي پر اولاد پنهنجو پاڻ ۾ ڪجھ اهڙو مگن ٿيندو آهي جو ان وٽ پيءُ جو حال پڇڻ جي لاءِ ڪجھ لمحا به ناهن نڪري سگهندا، اهو اولاد جنهن کي پيءُ وڏي ناز نخرن سان پاليو هو، جنهن کي روئي روئي خدا کان گھريو هو، علاج معالجي تي سڄي زندگي جي جمع ڪيل دولت خرچ ڪري ڇڏي هئي، اولياءِ ڪرام جي مزارن تي وڃي دعائون گھريون هيون، نيڪ ٻانهن کان دعائون ڪرايون هيون، افسوس! هڪ ڏينهن اهو ئي اولاد پنهنجي گھروارين کي خوش ڪرڻ خاطر پنهنجي پيءُ کي ناراض ڪندو، ان جي دل ڏکايندو ۽ ڌڪا ڏئي بي گھر ڪندو آهي يا وري اولڊ هاؤس(Old House) ڇڏي ايندو آهي، جتي ان کي اولاد سان گڏ

 گھاريل گھڙيون ۽ ان جون يادون گھڻو ستائينديون ۽ خوب رُوئارينديون آهن، پيءُ هر گزرندڙ ڏينهن اها اميد لڳائيندو آهي ته شايد اڄ منهنجو پٽ ايندومون کي سيني سان لڳائيندو، مون کي گھر وٺي ويندو پر هاءِ! صبح ۽ شام گزرندا ويندا آهن پر نه ڪو وٺڻ ايندو آهي نه ئي ڪنهن جي فون ايندي آهي. ۔الامان والحفيظ۔

مشهور چوڻي آهي: ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“! ته اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي پيءُ سان اهڙي طرح جو ناپسنديده سُلوڪ ڪنديون سين ته ممڪن