Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

نگاهون هيٺ رکي ڪري هلڻ جا عادي هئا، سندن دل ۾ دنياوي مال ودولت گڏ ڪرڻ جي لالچ بلڪل نه هئي۔ پاڻ رَحْمَةُ الله  تَعَالٰی عَلَيْه مسجدن سان مَحَبَّت ۽ انهن جي خوب خدمت ڪندا هئا۔ 1979 ۾ جڏهن شَيخِ طريقت، اميرِاَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ”ڪولمبو“ (سي لنڪا) تشريف وٺي ويا ته اتي جي ماڻهن کي والد صاحب کان گھڻو متاثر ڏٺائون، ڇوته سندن والد صاحب اتي جي عاليشان حَنَفي ميمن مسجد جا انتظامات سنڀاليندا هئا ۽ ان مسجد جي ڪافي خدمت به ڪئي هئي۔ پاڻ سلسله عاليه قادِريه ۾ بيعت هئا ۽ قصيده غوثيه جو وِرد ڪندا ها، ڪولمبو ۾ قيام دوران اميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ماسڙ گفتگو دوران سندن کي ٻڌايو ته مون پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته جڏهن کٽ تي ويهي اوهان جا والد صاحب قصيدهءِ غوثيه پڙھندا هئا ته انهن جي کٽ زمين کان بلند ٿي ويندي هئي۔

حج جي سفر ۾ وصال

اميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ عالَمِ شِير خوارگي (يعني کير پيئڻ جي عمر) ۾ ئي هئا جو سندن والدِ محترم ۱۳۷۰ھ مطابق1951ء ۾ سفرِ حج تي روانا ٿيا۔ حج جي ڏينهن ۾ منٰي ۾ سخت لُو (يعني گرم جهولا) هلڻ جي ڪري ڪيئي حاجي سڳورا فوت ٿي ويا هئا، ابو عطار حاجي عبدالرحمن به مختصر علالت (بيماري) کان پوءِ ۱۴ ذوالحِجَّة الحرام ۱۳۷۰ھ تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا۔               (تعارفِ امير اهلسنت، ص۱۱)

الله  ڪريم جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بَيان جو خلاصو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اڄ جي بَيان ۾ اسان ٻڌو ته

٭ پيءُ جي خدمت ڪرڻ جي برڪت سان اولاد تي نعمتن جا در کلي ويندا آهن۔ ٭ پيءُ سان حُسنِ سُلوڪ ڪرڻ جو حڪم قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿيو آهي۔ ٭ پيءُ کي