Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڪتاب”نيڪي جي دعوت“ ۾لکن ٿا: هڪ مالدار شخص کي اولاد نه هيو، هن ان جي لاءِ وڏا جتن ڪيا پر ڪاميابي نه ملي ڪنهن مشورو ڏنو ته مڪي شريف حاضر ٿي ۽ مسجد الحرام شريف جي اندر مقام ابراهيم وٽ دعا گھرو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اوهان جو ڪم ٿي ويندو، ان ائين ئي ڪيو الله  پاڪ ان کي چنڊ جهڙو پٽ ڏنو، ان وڏي ناز سان ان جي پرورش ڪئي، اڪيلي اولاد کي ضرورت کان وڌيڪ پيار مليو ۽ درست تربيت نه ڪئي وئي، جنهن جي ڪري اهو آواره ۽ فضول خرچ ٿي ويو، پيءَ کي گھڻي دير کان پوءِ هوش آيو، ان پنهنجي بگڙيل پٽ کي پيسا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا، انهيءَ ڪري اهو پنهنجي پيءُ جو مخالف ٿي ويو ۽ جتي ان جي پيء اولاد جي لاءِ دعا گھري جنهن جو هي نتيجو هو، اتي ئي يعني مڪي شريف ۾ حاضر ٿي ڪري مقام ابراهيم وٽ نالائق پٽ پنهنجي پيءُ جي مرڻ جي دعا گھرڻ لڳو ته جيئن پيء جي موت جي صورت ۾ ان جو ترڪو (يعني ورثي) ۾ ان کي دولت هٿ اچي وڃي.                                                   (نيکی کی دعوت، ص ۵۷۷)

مجلس مَدَني مُذاڪرھ

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ

دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ خدمتِ دين جي ڪم و بيش 104 شُعبن ۾ سُنّتن جون ڌُومون مچائي رهي آهي، جن مان هڪ شعبو ”مجلس مَدَني مذاڪره“ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شَيخِ طريقت، اميرِاهلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ”علم بي شمار خزانن جو مجموعو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سوال آهي۔ جي انهيء قول کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ سوال جواب جو هڪ سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن کي تنظيمي اِصطِلاح ۾ مدني مذاڪرو“ چيو ويندو آهي۔ عاشقانِ رسول مدني مذاڪرن ۾عقائد و اَعمال، فضائِل و مَنَاقِب، شريعت و طريقت، تاريخ وسيرت، سائنس وطِبّ، اَخلاقيات ۽ اِسلامي معلومات، معاشي، سماجي، تنظيمي معاملن ۽ ٻين ڪافي موضوعن جي باري ۾ مختلف قسم جا