Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

Book Name:Bap Jannat ka Darmyani Darwaza ha

ٽنهي چيو: ”تون تيمارداري(يعني بيماري جي حالت ۾ خدمت وغيره) ڪر ۽ ميراث مان ڪجھ حصو نه

 وٺجان۔“ پوءِ هو پيءُ جي تيمارداري ڪندو رهيو ايستائين جو والد جو انتقال ٿي ويو، ان ڪري ان وراثت مان بلڪل حصو نه ورتائين۔ هڪ رات ان خواب ۾ ڪنهن چوندڙ کي اهو چوندي ٻڌائين: ”فلاڻي هنڌ وڃ ۽ اتان 100 دينار کڻي وٺ۔“ ڇوڪري پڇيائين: ”ڇا ان ۾ برڪت آهي؟“ جواب مليو: ”نه۔“ صبح ٿيو ته ان خواب پنهنجي گھرواريءَ کي ٻڌايائين، زال چيائين: ” تون انهن دينارن کي کڻي وٺ، ان جي برڪت اها آهي ته اسان انهن مان ڪپڙا سبرائينداسين ۽ زندگي گذارينداسين۔“ ان انڪار ڪيائين۔ اڳئين رات وري ان خواب ۾ ڪنهن کي چوندي ٻڌائين: ”فلاڻي هنڌ وڃ ۽ اتان 10 دينار کڻي وٺ ۔“ ان پڇائين: ”ڇا ان ۾ برڪت آهي؟“ جواب مليو: ”نه“ صبح ان پنهنجي زال کي خواب ٻڌايائين ته گھرواريءَ پهرين وانگر چيائين پر ان وري وٺڻ کان انڪار ڪيائين، ٽئين رات ٻيهر ان خواب ۾ ٻڌائين: ”فلاڻي هنڌ وڃ ۽ هڪ دينار کڻي وٺ۔ ان پڇا ڪئي: ”ڇا هن ۾ برڪت آهي؟“ جواب مليو: ”ها۔“ پوءِ هو ويو ۽ دينار کڻي بازار روانو ٿيو، ان کي هڪ ماڻهو مليو جيڪو ٻه مَڇيون کڻي پي آيو، ڇوڪري چيائين: ”ان جي قيمت ڇا آهي؟“ ان چيائين: ”هڪ دينار۔ ڇوڪري دينار جي بدلي ٻئي مڇيون ورتيون ۽ نڪري پيو۔ گھر پهچي انهن جو پيٽ چيريائين ته هر هڪ جي پيٽ مان هڪ اهڙو موتي نڪتو جنهن جي مثل ماڻهن نه ڏٺو هو۔ هوڏانهن بادشاھ هڪ شخص کي اهڙو ئي موتي ڳولهڻ يا خريدڻ موڪليو ته اهو موتي ان ڇوڪري وٽ مليو، لهٰذا ان اهو موتي سون سان سٿيل 30 خچرن جي عيوض وڪڻي ڇڏيو۔ جڏهن بادشاھ موتي ڏٺائين ته چيائين: ”ان جو فائدو انهيءَ صورت ۾ آهي جو ان جهڙو هڪ ٻيو به هجي۔“ بادشاھ خادم کي چيائين: ان جهڙو هڪ ٻيو ڳولا ڪر توڙي جو قيمت ٻيڻي ڏيڻي پوي۔ پوءِ هو ان ڇوڪري وٽ آيو ۽ چيائين: ”جيڪو موتي اسان توکان خريد ڪيو هو ان جي مثل ٻيو به هجي ته اسان کي ڏئي ڇڏ، اسان