Book Name:Miraaj kay Waqiaat

ڪندس۔“    (ترمذي، ڪتاب المناقب، باب في مناقب ابي حفص۔۔۔الخ،۵/۳۸۵،حديث:۳۷۰۹ملتقطاً)(بخاري،ڪتاب فضائل اصحاب النبي،باب مناقب عمر بن الخطاب ۔۔۔الخ، ۲/۵۲۵، حديث:۳۶۷۹)

رہے تیری عطا سے یاخدا! تیری عنایت سے                                                                                              ہمارے ہاتھ میں دامن سدا فاروقِ اعظم کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حُورن جو سلام

حضرت سيدُنا انسرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: معراج جي سير دوران مان جنّت جي ”بَيدَخ“ نالي مقام ۾ داخل ٿيس جتي موتين، سبز زَبَرجَد ۽ سُرخ ياقوت جا خيما (Tents) آهن۔ حُورن چيو: ’’اَلسَّلَامُ عَلَيۡک يارَسُوۡلَ الله‘‘ يعني اي اللہ  پاڪ جا رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان تي سلامتي هجي۔ مون پڇا ڪئي: اي جبريل! اها ڪهڙي آواز آهي؟ اُنهن عَرض ڪيو: اهي خيمن ۾ پرده نشين (حُورون) آهن۔ اُنهن اوهان تي سلام پيش ڪرڻ جي پنهنجي ربّ ڪريم کان اِجازت گھري آهي، اللہ  پاڪ انهن کي اِجازت ڏني ته اهي چوڻ لڳيون: اسان راضي رهڻ واريون آهيون اسان ڪڏهن به ناراض نه ٿينديون سين، اسان هميشه رهڻ واريون آهيون ڪڏهن نه وينديون سين۔ هن تي نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سيپاري 27 سوره رحمٰن جي آيت نمبر72 تلاوت فرمائي:

حُوْرٌ مَّقْصُوْرٰتٌ فِی الْخِیَامِۚ(۷۲) (پ۲۷،الرحمٰن:۷۲)

ترجموڪنز الايمان:حُورون آهن شاميانن ۾ پرده نشين۔

 ( البعث والنشور للبيھقي، باب ما جاء في صفة الحور العين،ص۲۱۵، حديث:۳۴۰)

مدّت سے جو اَرمان تھا وہ آج نِکالا         حُوروں  نے  کیا  خوب  نظارہ  شَبِ  معراج

جنّتي نهرون ۽ پکي

حضورنبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: (معراج جي رات) منهنجو جنّت ۾ وڃڻ ٿيو، مون ڏٺو ته ان جا سنگريزا موتين جا ۽ ان جي مٽي مشڪ جي