Book Name:Miraaj kay Waqiaat

8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”بيان/هفته وارمدني مذاڪرو“

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ذڪر مصطفٰي سان سيني کي شاد ۽ آباد رکڻ ۽ سيرت مصطفٰي تي عمل جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي سان وابسته ٿي ڪري ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو. ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”بيان / هفته وار مدني مذاڪرو“ به آهي. هر اسلامي ڀيڻ روزانو انفرادي طور تي يا سمورن گهر وارن کي (جن ۾ نا محرم نه هجن) جمع ڪري شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا سنتن ڀريا بيان ۽ مدني مذاڪرا، وڌيڪ ”مڪتبة المدينه“ تان جاري ٿيڻ وارا ٻين مبلغن جا سنتن ڀريا بيان ضرور ٻڌو. مدرسة المدينه (بالغات) ۾ هفته وار ۽ جامعة المدينه ۾ روزانو ”اجتماع“
ڪريو (
روزانو سنتن ڀريو بيان يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ مدني مذاڪرو ٻڌڻ وارن سان اميرِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  تمام گهڻو خوش ٿيندا آهن)

هن مدني ڪم جا بيشمار ديني ۽ دنياوي فائدا آهن. ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذهن ملندو آهي. ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان علم دين حاصل ٿيندو آهي. ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان ديني معلومات سان گڏوگڏ اخلاقي تربيت به نصيب ٿيندي آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني ڪم جي برڪت سان بيشمار ماڻهو گناهن ڀري زندگي ڇڏي نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجي ويا. اچو! ترغيب جي لاءِ ڪيسٽ بيان جي هڪ مدني بهار ٻڌو جيئن ته

گانا ٻڌڻ جي عادت ويندي رهي

  باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان گانا تمام وڏي شوق سان ٻڌندي هئي، انهيء تي بس نه پر نمازون به قضا ڪري ڇڏيندي هئي ان پنهنجي اصلاح جي لاءِ معلّمه ڪورس ۾ داخلا ورتي پر ان ۾ دل نه لڳندو هو، ان جي پيءُ ان کي مبلّغه ڏسڻ ٿي چاهيو، جيئن ته ان جي پيءُ ان کي اميرِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي بيان جي ڪيسٽ ٻڌڻ جي ترغيب ڏني ته ان پيءُ جي حڪم تي عمل ڪندي،