Book Name:Miraaj kay Waqiaat

عظيم ۽ بَرڪت ڀري رات

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اللہ  تبارڪ و تعالٰي جا لک لک شڪر جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي عظيم الشان فضيلتن ۽ برڪتن واري مقدس رات نصيب فرمائي،

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  ! هي رات اها عظيم ۽ جڳ مڳ جڳ مڳ ڪندڙ رات آهي جو جنهن ۾ اسان جي آقا، حبيبِ ڪبريا، معراج واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هڪ عظيم مُعجِزو عطا ٿيو۔ ان رات تمام ملائڪن جي سردار حضرتِ سيدُنا جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عظمت ڀري بارگاھ ۾ تمام تيز رفتار سُواري بُراق وٺي حاضر ٿيو، ملائڪن پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي گھوٽ بڻائي وڏي احترام سان بُراق تي سُوار ڪيو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مختصر وقت۾مڪه مڪرمه کان بيتُ المقدس پهتا، تمام نبين پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اِستقبال ڪيو، رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام نبين جي اِمامت فرمائي، ان رات پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام آسمانن جي سير فرمائي ۽ اتي جا عجائبات ڏٺا، ان رات پاڻ سڳورنصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر آسمان تي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام سان ملاقات فرمائي، ان رات رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سِدرَة المُنتَهٰي تي به ويا، ان جاءِ تي پهچي جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام اڳتي هلڻ کان معذرت ڪئي، ان رات پاڻ سڳوراصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان مقام تي به پهتا جتي عقل۽ سمجهه جي به رسائي ناهي، ان رات پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خصوصي اِنعام عطا ٿيا، ان رات پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شروع ۾ 50 نمازن جو تحفو اللہ  عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ مان عطا ٿيو، جيڪو تخفيف کان پوءِ پنج نمازن جي صورت ۾ اسان تي فرض ڪيو ويو، ان رات پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنّت ۽ دوزخ کي ملاحظه فرمايو، ان رات پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اللہ  عَزَّوَجَلَّ جو خاص قُرب حاصل ڪيو، ان رات پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مٿي جي اکين سان ربِ ڪريم عَزَّوَجَلَّ جو دِيدار ڪيو۔

 مطلب ته معراج واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيِ معراج واري سفر کي بيان ڪرڻ جو حق ڪير ادا ڪري سگھي ٿو؟ بهرحال وڏي تَوَجُّھ ۽ دِلجمعي