Book Name:Miraaj kay Waqiaat

۾ عَرض ڪيو: يا رَسُولَ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي به ٻڌايو ته معراج جي رات اوهان جنّت ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِرشاد فرمايائون: اي اِبنِ خطّاب! جيڪڏهن مان توهان جي وچ ۾ ايترو عَرصو رهان جيترو عَرصو حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي قوم ۾ رهيا ۽ پوءِ توهان کي اهي جنّتي واقعا ۽ مشاهدا ٻڌايان ته به اهي ختم نه ٿين۔ پر اي عُمَر! جڏهن تو مون کان پڇيو ئي آهي ته مون کي به جنت جي باري ۾ ٻڌايو ته پوءِ مان توکي اها ڳالھ ٻڌايان ٿو جيڪا تنهنجي علاوه مون ڪنهن کي نه ٻڌائي۔ (ٻُڌ!) مون جنّت ۾ هڪ اهڙو عاليشان محل (Palace) ڏٺو جنهن جي چائنٺ جنّتي زمين جي هيٺ هئي ۽ ان جو مٿيون حِصّو عَرش جي وچ ۾ هو۔ مون جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام کان پڇيو: اي جبريل! ڇا تون هن عاليشان محل جي باري ۾ ڄاڻين ٿو، جنهن جي چائنٺ جَنّتي زمين جي هيٺ ۽ مٿاهون حِصّو عَرش جي وچ ۾ آهي؟، جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام عَرض ڪيو: يارَسُولَ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي خبر نه آهي۔ مون وري پڇيو: اي جبريل! هن محل جي روشني ته اهڙي آهي جيئن دنيا ۾ سج جي روشني، ڀلا اهوئي ٻڌايو ته هن تائين ڪير پهچندو ۽ هن ۾ ڪير رهائش اِختيار ڪندو؟ ته جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام عَرض ڪيو: يارَسُولَ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هن محل ۾ اهو رهندو جيڪو صرف حق ڳالھ چوندو آهي، حق ڳالھ جي هدايت ڏيندو آهي، جڏهن ان کي ڪو حق ڳالھ چوندو آهي ته هو ڪاوڙ ناهي ڪندو ۽ اُن جو حق تي ئي اِنتقال ٿيندو۔ مون پڇيو: اي جبريل! ڇا توکي ان جو نالو معلوم آهي؟ عَرض ڪيائين: جي ها! يارَسُولَ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهو هڪ ئي شخص ته آهي۔ مون پڇيو: اي جبريل! اهو هڪ شخص ڪير آهي؟ عرض ڪيائين: حضرت عُمَر بن خطّاب (رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه)۔

اهو ٻڌي اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُمَر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه تي رِقت طاري ٿي وئي ۽ پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه غش ٿي زمين تي تشريف کڻي آيا۔ حضرت سَيدُنا عَبدُاللہ  بن حسن رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه بيان ڪن ٿا: هن واقعي کان پوءِ اسان