Book Name:Miraaj kay Waqiaat

هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

آقا ڪريم جو سفرِ معراج

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                 وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

دُرُود شريف جي فضيلت

حضرتِ سَيدُنا اُبَي بن ڪعْب رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه عرض ڪيو: يا رَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان دُرُود جي ڪثرت ڪندو آهيان، مان پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي دُرُود پڙھڻ جي لاءِ ڪيترو وقت مُقرَّر ڪيان؟ ”فرمايائون؛ ''جيترو چاهيو ڪيو۔ ''مون عرض ڪيو: ''چوٿائي؟'' فرمايائون، ''جيترو چاهيو ڪيو پر جيڪڏهن وڌيڪ دُرودِ پاڪ پڙھندو ته بهتر آهي۔''مون عرض ڪيو؛ ''نِصف؟'' فرمايائون؛ ''جيترو چاهيو پڙھو، پر وڌيڪ پڙھندؤ ته بهتر آهي۔'' عرض ڪيو،'' مان سمورو وَقت اوهان تي دُرودِ پاڪ پڙھندو رهندس۔'' فرمايائون،'' پوءِ ته اهو عمل تنهنجي پريشانين کي ڪفايت ڪندو ۽ تنهنجي مَغفِرت جو سبب بڻجي ويندو۔'' (مستدرڪ،ڪتا ب التفسير،باب اڪثر واعلي الصلوٰةالخ،۳/ ۱۹۸،رقم:۳۶۳۱ ملتقطاً)

بیٹھتے، اُٹھتے، جاگتے، سوتے           ہو الٰہی مِرا شِعار دُرُود

رُوئے انور پہ نور بار سلام              زُلفِ اطہر پہ مُشکبار دُرود

اُس مہک پہ شمیم بیز سلام            اُس چمک پر فروغ بار دُرود

اُن کے ہر جلوہ پر ہزار سلام           اُن کے ہر لمعہ پر ہزار دُرود

سر سے پا تک کروڑ بار سلام             اور سراپا پہ بے شُمار دُرود

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد