Book Name:Miraaj kay Waqiaat

ڪاروبار ۾ ديانتداري ۽ مسلمانن جي خير خواهي جو خُوب خيال رکندا هئا، سندن مبارڪ نالو نعمان هو، پاڻ 70 هجري ۾ عراق جي شهر ڪوفي ۾ پيدا ٿيا، 80 سالن جي عمر ۾ 2 شعبانُ المعظم 150 هجري ۾ وفات ٿي، امامِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ چئني امامن ۾ وڏي رتبي وارا آهن، ڇاڪاڻ ته پاڻ تابعي آهن۔ ”تابِعي“ ان (خوش نصيب انسان) کي چوندا آهن: ”جنهن ايمان جي حالت ۾ ڪنهن صحابي سان ملاقات ڪئي هجي ۽ ايمان ئي تي ان جو خاتمو ٿيو هجي۔“ (منتخب حديثيں،ص۲۵ملخصاً)

سيدُنا امامِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه مختلف رِوايتن مطابق ڪجھ صَحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان سان ملاقات جو شَرَف حاصل ڪيو آهي ۽ ڪجهه صَحابه عَلَيهمُ الرِّضْوَان کان براه راست سرورِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ارشاد به ٻڌا آهن۔  (اشکوں کی برسات،ص۲،۳ )

سَيدُناامامِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جا وصف

حضرت سَيدُنا امامِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ رمضانُ المُبارَڪ ۽ عيدُ الفطر ۾ 62 قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا (هڪ ڏينهن جو، هڪ رات جو، هڪ تراويح جي سڄي مهيني ۾ ۽ هڪ عيد جي ڏينهن) پاڻ سخاوت ڪندڙ، عِلم سِکائڻ وارا، اللہ  عَزَّوَجَلَّ جو خوف رکڻ وارا، حقوقُ العباد جو خيال رکڻ وارا، عفو ودرگذر سان ڪم وٺڻ وارا، ۽ فضول ڳالهين کان بچڻ وارا ۽ تقويٰ ۽ پرهيز گاري جهڙي خوبين جا مالڪ هئا۔ (اشکوں کی برسات،ص ۸ملخصاً)

جوبے مثال آپکا ہے تقویٰ،  توبے مثال ہے آپکا فتویٰ                        ہیں عِلْم و تقویٰ  کے آپ سنگم ،امام ِاعظم ابو حنیفہ

 حضرت سَيدُنا امامِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سيرت ۽ ڪردار جي باري ۾ وڌيڪ معلومات جي لاءِ امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو رسالو لڙڪن جي برساتمڪتبة المدينه تان حاصل ڪري نه صرف پاڻ مطالعو ڪريو ۽ شَعبَانُ المُعَظّم ۾ امامِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي ايصالِ ثواب جي لاءِ ٻين اسلامي ڀينرن کي به تحفي ۾ پيش ڪريو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد