Book Name:Miraaj kay Waqiaat

اُتار کر اُن کے رُخ کا صَدقہ یہ نُور کا بٹ رہا تَھا باڑا                         کہ چاند سُورج مَچَل مَچَل کر جَبِیں کی خَیرات مانگتے تھے

وہی تو اب تک چھلک رہا ہے وہی تو جو بن ٹپک رہا ہے                     نَہانے میں جو گِرا تھا پانی کَٹورے تاروں نے بَھر لیے تھے

بَچا جو تَلووں کا اُن کے دَھووَن بنا وہ جَنَّت کا رنگ و رَوغَنْ                   جنھوں نے دُولھا کی پائی اُتْرَن وہ پُھول گُلزار نُور کے تھے

مختصر وضاحت: (شبِ معراج) نُور واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روشن چهري جو صَدَقو لاهي نُور جي خَيرات تقسيم ڪئي په وئي، چنڊ سج ايتري قدر روشن هئڻ جي باوُجود تڙپندي پيشاني مُصطَفٰي جي خيرات گھري رهيا هئا۔ معراج جي رات رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غُسل شريف جو مبارَڪ پاڻي تارن پنهنجي دامن ۾ محفوظ ڪري ورتو هو، اڄ انهيءَ پاڻي جو حُسن ۽ جمال روشني جي صورت ۾ تارن مان ظاهر ٿي رهيو آهي۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن جي ترين جي بچيل پاڻي سان جنّت کي رَنگ ۽ روغن ڪيو ويو، جنهن کي شَبِ اَسراء جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسمِ اَقدَس مان بَرَڪتون وٺڻ واري لباسِ مبارَڪ مان فَيض مِليو اهي گل نوراني باغ بڻجي ويا ها۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بُراق جو شان ۽ شوڪت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معراج جي رات نبي پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مختلف سُوارين تي سفر فرمايو ۽ لا مڪان تائين وڃي پهتا، جيئن ته نُور وارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خود اِرشاد فرمائن ٿا: (معراج جي رات) مون وٽ بُرَاق آندو ويو، جيڪو گڏھ کان وڏو ۽ خچر کان ننڍو، انتهائي سفيد رنگ جو ڊگھي قد وارو جانور هو،جنهن کي براق چيو ويندو آهي ان جو قدم نظر جي انتهاء تي پوندو هو، مون کي ان (بُراق) تي سُواري ڪيو ويو۔ (مسلم،ڪتاب الايمان،باب الاسراء، حديث:۴۱۱، ص۸۷)

 حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪيل حديثِ