Book Name:Miraaj kay Waqiaat

پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: جيئن ته ان جي رفتار (Speed) بجلي وانگر تيز آهي ۽ اهو چمڪ دار سفيد رنگ جو آهي، ان ڪري ان کي بُراق چيو وڃي ٿو، ان تي حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج ۾ به سُوار ٿيا ۽ قِيامت ۾ به سُوار ٿيندا۔ خيال رهي ته هر نبي جو جنّت ۾ هڪ بُراق هوندو سُواري جي لاءِ، پر حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو بُراق سڀني کان اعليٰ هوندو، هي اهو ئي بُراق آهي۔

حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مزيد فرمائن ٿا: (حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو:) مان پاڻ سوار نه ٿيس، بلڪ سوار ڪيو ويس، جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سوار ڪيو، رڪاب جناب جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام ورتي ۽ لگام حضرت ميڪائيل عَلَيۡهِ السَّلَام پڪڙي ۽ ان وڏي شان سان گھوٽ جي سواري هلي۔ خيال رهي ته حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو بُراق تي سوار ٿيڻ اظهارِ شان جي لاءِ هو جيئن گھوٽ گھوڙي تي هوندا آهن ۽ ڄاڃي پيادل، ۽ گھوڙو آهستي آهستي هلندو آهي، بُراق جي اها رفتار به آهسته هئي۔ (مرآة المناجيح،۸/ ۱۳۷ ملخصاً)

سفرِ معراج جون مبارَڪ سُواريون

اِمام عَلَائي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: معراج جي رات حُضورِ اَنْوَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون سُواريون پنج (5) نمونن جو هيون: (1) (مڪي کان) بَيتُ المَقدِس تائين بُراق تي، (2) بَيتُ المَقدِس کان آسمانِ دنيا تائين نُور جي ڏاڪڻن تي، (3) پهرين آسمانِ کان ستين آسمان تائين ملائڪن جي پرن تي، (4) ستين آسمان کان سِدرَة المُنتَهٰي تائين حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جي پرن تي ۽ (5) سِدرَة المُنتَهٰي کان مقامِ قَابَ قَوسَين تائين رَفرَف تي۔ (روح المعاني،پ۱۵، الاسراء،تحت الاية:۱، ۱۵ /۱۴)

سفرِ معراج جون منزلون

علّامه شهابُ الدِّين محمود آلُوسي بغدادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: بَيتُ المَقدِس کان مقامِ قابَ قَوسَين تائين پهچڻ ۾ پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏھ (10) منزلون طئي فرمايون: (1) پهريون آسمان (2) ٻيو آسمان (3) ٽيون آسمان(4)