Book Name:Miraaj kay Waqiaat

٭ ٻڌڻ واري تي واجب آهي ته فورًا يَرْحَمُکَ الله (يعني اللہ عَزَّوَجَلَّ توتي رحم فرمائي) چوي ۽ ايتري آواز سان چوي جنهن کي نڇ آئي اهو پاڻ ٻڌي۔ (بهار شريعت، جلد 3 حصو 16، ص 476) ٭ جواب ٻڌي نڇ ڏيڻ واري چوي: ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَ لَکُمْ(يعني اللہ  عَزَّوَجَلَّ اسان جي ۽ توهان جي بخشش فرمائي) يا هي چوي: ” یَھْدِیْکُمُ اللهُ وَ یُصْلِحُ بَالَکُمْ (يعني اللہ  عَزَّوَجَلَّ توهان کي هدايت ڏي ۽ توهان جو حال صحيح ڪري) (فتاويٰ هنديۃ،۵ /۳۲۶) ٭ جيڪو نڇ اچڻ تي اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ۽ پنهنجي زبان سڀني ڏندن تي ڦيري ڇڏي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڏندن جي بيمارين کان محفوظ رهندو۔ (مراٰة المناجيح ج 6 ص 396)  ٭حضرت مولاءِ ڪائنات، علي المرتضيٰ کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰی وَجۡھَهُ الۡکَرِیۡم فرمائن ٿا: جيڪو نڇ اچڻ تي اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ته اُهو ڏاٺ ۽ ڪن جي بيماري ۾ ڪڏهن به مبتلا نه ٿيندو. (مرقاۃ المفاتيح، ۸/ ۴۹۹،تحت الحديث:۴۷۳۹) ٭ نڇ جو جواب هڪ دفعو واجب آهي، ٻيو ڀيرو نڇ اچي ۽ اُهو اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ چوي ته ٻيهر جواب واجب ناهي بلڪ مستحب آهي۔ (عالمگيري ج 5 ص 326) ٭ جواب اُن صورت ۾ واجب ٿيندو جڏهن نڇ ڏيڻ وارو اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه چوي ۽ جيڪڏهن حمد نه ڪري ته جواب ناهي۔ (بهار شريعت، جلد 3 ص 477) ٭ نماز جي وچ ۾ نڇ اچي ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه نه چوي ٭ اوهان نماز پڙهي رهيون آهيو ۽ ڪنهن کي نڇ آئي ۽ اوهان جواب ڏئي ورتو ته اوهان جي نماز فاسد ٿي وئي٭ ڪيئي اسلامي ڀينرون موجود هجن ته ڪجھ حاضرين جواب ڏنو ته سڀني جي پاران جواب ٿي ويو پر بهتر اهو آهي ته سڀئي جواب ڏين۔

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                          صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد